وقت کان اڳ چونڊن جو ڪو به امڪان ناهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جلد چونڊون ڪرائڻ جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو  اها اپوزيشن ليڊر جي خواهش هجي، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، آئين ۾ اسيمبلين جو مدو پنج سال آهي ، وقت کان اڳ چونڊون جو ڪو به امڪان ناهي .  ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو آهي، انشاءَ الله اسيمبليون پنهنجو 5 سالن جو مدو پورو ڪنديون، مسلم ليگ ن تي فوج ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ نفرت وڌائڻ واري الزام جو جواب عمر ايوب کان ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.