اسلام آباد(م ڊ) مهانگائي، بجلي اگهن ۾ واڌ، آءِ پي پيز کي ادائگين ۽ ٽيڪس ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب انتظاميا احتياطي طور تي راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو بس سروس معطل ڪئي پر جڙيل شهرن ۾ ٻئي ڏينهن تي معمول جي زندگي بحال ٿي وئي، فيض آباد ۽ ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي، رڳو ڌرڻي واري هنڌ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي. جماعت اسلامي ڌرڻي دوران ڳالهين لاءِ لياقت بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نائب امير جماعت اسلامي لياقت بلوچ سان رابطو ڪري ڌرڻي جي مطالبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. جماعت اسلامي ترجمان موجب گهرو وزير ساڻس ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته حڪومت سنجيدگي سان جماعت اسلامي سان ڳالهيون چاهي ٿي. جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف جو چوڻ آهي ته جيستائين ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويندو جماعت اسلامي حڪومت سان ڳالهيون نه ڪندي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ پي پيز عوام جو رت پي رهيون آهن، ڪيتريون ئي آءِ پي پيز پنهنجي لاڳت کان 10 ڀيرا وڌيڪ ڪمائي چڪيون آهن، ڪنهن 20 ته ڪنهن 25، ڪنهن وري 28 ارب رپيا ڪمايا آهن، سينيٽ ڪميٽي ٻڌايو ته 10 آءِ پي پيز جعل سازي ڪئي آهي، نيب انهن کي پڪڙ ۾ آڻي.هن چيو ته حڪمرانن کي صرف اقتدار بچائڻ جو فڪر آهي، عوام جو ڪنهن کي به الڪو ناهي.هن چيو ته عوام کي رليف ملڻ تائين ڌرڻو جاري رکنداسين.، هن چيو ته اسان جو ڌرڻو 2 چار ڏينهن جو ناهي مهينو به لڳي سگهي ٿو، حڪومت جي غير سنجيدگي سبب رڳو ڊي چوڪ تي نه پر پارليامينٽ جي دروازي تي به ويهي رهنداسين. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي امير سراج الحق چيو ته حڪمران پارلياميت ۾ اچي ارب پتي ٿي وڃن ٿا، اهي پنهنجا الائونس وڌائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته عوام مهانگائي سبب تڙپي رهيو آهي، حڪمرانن جي بدانتظامي سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بدامني آهي، هاڻي هي حڪمران ۽ عوام گڏ نه هلي سگهندو.جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن، يوٽيوبرز ۽ سوشل ميڊيا اينڪرز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته حڪومت جي مڙني من ماني پابندين ۽ فاشسٽ، غير آئيني حڪمت عملين جي باوجود عوام وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيو ، ڌرڻي دوران جماعت اسلامي حڪومت آڏو 10 مطالبا رکي ڇڏيا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت 500 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي 50 سيڪڙو رعايت ڏئي، پيٽروليم ليوي ختم ڪري ۽ قيمتن ۾ تازو اضافو فوري طور تي واپس وٺي.جماعت اسلامي مطالبو ڪيو ته ضروري شين جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي، اسٽيشنري شين تي ٽيڪس فوري طور ختم ڪيو وڃي.مطالبن ۾ چيو ويو ته حڪومتي خرچن ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي، غير ترقياتي خرچن ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ آءِ پي پيز کي ڊالر ۾ ادا ڪرڻ جو معاهدو ختم ڪيو وڃي ۽ آءِ پي پيز سان ڪيل سمورن معاهدن جي ٻيهر جاچ ڪئي وڃي.جماعت اسلامي مطالبو ڪيو ته زراعت ۽ صنعت تي لڳايل ناجائز ٽيڪس ختم ڪري 50 سيڪڙو بار گهٽايو وڃي، صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن نوجوانن کي روزگار ملي سگهي، پگهاردار طبقي تان ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. مراعات يافته طبقي کي ٽيڪس جي دائري ۾ آندو وڃي.جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده جعلي حڪمرانن پنهنجي نااهلي ۽ بدترين ڪرپشن جي ڪري دنيا جي پهرين ايٽمي اسلامي ملڪ کي پينو بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي، آءِ پي پيز کي ملندڙ رقم دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي، بجلي جا ڳرا بل عوام لاءِ موت جو پروانو ثابت ٿي رهيا آهن، عوام گهرن کان ٻاهر نڪري ۽ حافظ نعيم الرحمان جا هٿ مضبوط ڪري.