اسلام آباد (م ڊ) حڪومت تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته چئون ٿا گڏجي ويهي، ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪريون.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته ڪنهن ڇا ڪيو آهي. ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن کان ٻڌو آهي ته مهانگائي کي ڪيئن ختم ڪجي؟ ڪپتان چيو ته فوج کي غيرجانبدار هئڻ گهرجي، سندس چيلن چيو ته لبيڪ، وفاقي وزير چيو ته جيڪي افراتفري جي سياست ڪري رهيا آهن اهي ملڪ جا خيرخواه نه آهن، گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهو رجحان هلي رهيو هو ته جيڪڏهن ڪپتان ناهي ته پاڪستان ناهي، هن چيو ته ملڪ دشمن عناصر ترقي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پاڪستان آهي ته پوءِ اسين سڀ آهيون، ڪپتان چيو هنن کي قبرن تائين نه ڇڏينداسين، چيلن چيو لبيڪ، جنهن کانپوءِ 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اسان چئون ٿا دهشتگردي ختم ڪريو ۽ توهان چئو ٿا آپريشن نه ڪنداسين.ٻي پاسي تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان مصدق ملڪ جي ڳالهين جي آڇ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ڇا ڳالهين جي حوالي سان ڪو اهڙو انداز اختيار ڪري ٿو؟ مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي انداز ۽ رويي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هڪ طرف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي کنيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڳالهين جي آڇ ڪئي پئي وڃي.