توانائي وزارت جو ڪامورن، ججن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مفت بجلي بند ڪرڻ جو پلان تيار

اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وزارت انڊيپنڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) خلاف ملڪ گير آگاهي مهم کانپوءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪري ورتو. ذريعن موجب سڀني سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۾ مفت بجلي جي  سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بيوروڪريٽس، ججز ۽ پارليامينٽرينز سميت سڀني جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي به تجويز آهي. ذريعن موجب انرجي ڊويزن ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ مفت پيٽرول جي سهولت به واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هن وقت مالي دٻاءُ ۽ پرڏيهي قرضن جو بار آهي، انقلابي اپائن سان ئي مستقل ڊفالٽ کان بچي سگهجي ٿو، برآمد 60 ارب ڊالر تائين آڻڻ اڻٽر ٿي ويو. انرجي ڊويزن موجب رڳو انڊسٽري ۽ ڪاروبار کي جائز سهولتون ڏنيون وينديون جڏهن ته فيڪٽرين ۾ ايم ڊي آءِ چارجز کي گهٽ ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي. انرجي ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيپرا ۽ اوگرا جي ڪارڪردگي به جاچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.