اسلام آباد(فخر دراني+جاويد چوڌري+منيب فاروق+انصار عباسي)پي ٽي آءِ پنهنجو بيانيو تبديل ڪري ڇڏيو، فوج ڏانهن صلح لاءِ هٿ وڌائي ڇڏيو، عمران خان پهريون ڀيرو فوج بدران حڪومت تي تير هلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،عمران خان پاران کيليل ڪارڊ سان حڪومتي حلقن ۾ پريشاني ڊوڙي وئي آهي، عمران خان عمرايوب، عليمه خان ۽ علي امين گنڊاپور ذريعي هفتي ۾ ٽيون ڀيرو فوج کي پيغام موڪليو آهي ته ”نيوٽرل “ٿي وڃو، ان کان اڳ عمران خان چئي چڪو آهي ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي، عمران خان کي خوف آهي ته هن جو معاملو فوجي عدالت ۾ وڃي رهيو آهي، هاڻي عمران خان جارحاڻي لهجي کي تبديل ڪري هڪ دفاعي پوزيشن اختيار ڪري ورتي آهي، پي ٽي آءِ حلقن ۾ اهو بحث شدت اختيار ڪري ويو آهي ته ڊسمبر تائين نئين اليڪشن ٿيڻ واري آهي، ان جي تياري ڪرڻ گهرجي،ان حوالي سان ليگي اڳواڻ ۽ وفاقي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله به خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي ان تي نظر رکڻي پوندي ۽ ڏسڻو پوندو ته واقعي ائين ٿي رهيو آهي؟ اهي هڪ ڄار وڇائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪهڙي طرح انهن کي ڪو رستو ملي وڃي، هن چيو ته اهي(پي ٽي آءِ) چون ٿا ته جيئن ئي نومبر ۾ چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس منصور نئون چيف جسٽس بڻجندو ته پوءِ نيون چونڊون ٿينديون، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله جي گهرواري جو به چوڻ آهي ته ايندڙ حڪومت عمران خان جي هوندي، هوڏانهن عمر ايوب جو چوڻ آهي ته ن ليگ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ فوج سان وڙهي،اهي اسان کي آرمي چيف سان ويڙهائڻ چاهين ٿا، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان به چيو آهي ته فوج نيوٽرل ٿي وڃي،انهن بيانن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمينٽ سان بيڪ ڊور چئنلن ذريعي رابطا ٿي رهيا آهن،پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري چيو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن وقت آرمي چيف به پاڪستان جا زخم ڀرڻ جو ئي سوچي رهيو آهي، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿي ته ڪا”بيڪ ڊور ڊپلوميسي“ هيل رهي آهي پر ظاهري طور ايئن ناهي، فوج پاران سوشل ميڊيا بابت قانون سازي ۽ ڊجيٽل دهشت گردي جهڙين اصطلاحن سان به پي ٽي آءِ کي سخت پيغام ويو.