تيل جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار ختم ڪرڻ واري معاملي تي اوگرا 2 تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن،   ذريعن موجب اوگرا جي پهرين تجويز اها آهي ته اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار اوگرا کي ئي ڏنو وڃي، ٻي تجويز اها آهي ته اهو اختيار مارڪيٽ کي ڏنو وڃي، اوگرا صرف مانيٽرنگ ڪري.ذريعن موجب اوگرا جون تجويزون اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، پيٽروليم ڊويزن سان مشاورت بعد وزيراعظم کان منظوري ورتي ويندي.ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن هڪ هفتي ۾ اگهن جو حتمي فيصلو ڪندي، وزيراعظم اگهن بابت پنهنجي ذميواري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊويزن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي اگهن جا اختيار ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.