پشاور ( م ڊ ) آل پاڪستان فلور ڊيلرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته اٽي تي ود هولڊنگ ٽيڪس سميت سمورا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن. آل پاڪستان فلور ڊيلرز ايسوسي ايشن پاران پشاور ۾ ٽيڪسن خلاف واپاري ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، اٽي جي واپارين جو چوڻ آهي ته ڪنوينشن جو مقصد حڪومت جي ظالماڻن ٽيڪس ۽ ناقص پاليسين جو خاتمو ڪرڻ آهي. اٽي جي واپارين مطالبو ڪيو ته اٽي تي ود هولڊنگ ٽيڪس سميت سمورا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، خيبرپختونخواهه ۾ بين الصوبائي بندش جو به مطالبو ڪيو ويو. واپارين ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اٽي جي فراهمي مڪمل بند ڪئي ويندي، اٽي جي واپارين مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت کي پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو. اٽي جي واپارين چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته اٽي جي فراهمي بند ڪري سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.