لاهور(م ڊ) اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز جو مسئلو صنعتن سميت 24 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي. سينيٽ ۾ آءِ پي پيز جو معاملو بحث هيٺ آهي، آءِ پي پيز جو معاملو اٿاري پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري رهيا آهيون.لاهور ۾ پاڪستان فيڊريشن آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ ۽ اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز شرڪت ڪئي.ايف پي سي سي آءِ جي ريجنل آفيس ۾ ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو آءِ پي پيز جو معاملو اٿاري پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري رهيا آهن، ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪنداسين.هن چيو ته اسان اڳ به عوام جي حقن لاءِ ننڍيون وڏيون جنگيون وڙهيون آهن، هاڻي به وڙهنداسين.هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ويٺل نجومي ملڪ بابت مايوسي پکيڙي رهيا آهن، ملڪ جو مستقبل روشن آهي.