اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت خط سان سپريم ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ آڏو بيهاري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن طرفان لکيل خط سپريم ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ جي مقابلي ۾ بيهاري  ڇڏيو آهي. خط ۾ سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي عمل لاءِ رھنمائيءَ جي درخواست ڪئي وئي آهي. 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن کان اڳ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪري پي ٽي آءِ کان "بيٽ” جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو. مخصوص سيٽن واري ڪيس جي فيصلي جو حوالو ڏيندي اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪميشن پي ٽي آءِ جي تنظيمي ڍانچي کي تسليم نه ٿي ڪري، جنهن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪميشن ڪنهن به شخص جي اها تصديق قبول نه ڪري سگهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي آزاد ميمبرن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا آهن يا پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آهن. جيئن ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي قبول نه ڪيو آهي، ان ڪري اها پارٽي جي ڪنهن تنظيمي ڍانچي کي تسليم نٿي ڪري. ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن  طرفان ڏنل فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کان ٻن معاملن ۾ رهنمائي جي درخواست ڪئي آهي. پهريان ته پي ٽي آءِ جي صحيح تنظيمي ڍانچي جي نه هجڻ جي ڪري سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم جي روشني ۾ جن ميمبرن پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا انهن جي تصديق ڪير ڪندو؟ پي ٽي آءِ جي تنظيمي ڍانچي جي غير موجودگيءَ ۾ قومي ۽  صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي بيانن جي تصديق لاءِ قانوني اثرن بابت رهنمائي ڪئي وڃي. هدايت گهري وئي آهي. ڇو ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي صحيح تنظيمي ڍانچي لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن ان پارٽيءَ جي انٽرا پارٽي چونڊن جي حيثيت جي تصديق ڪري. پي ٽي آءِ اڃا تائين انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن وٽ تصديق ناهي ڪرائي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ اميد ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد اميدوارن جي حيثيت سان چونڊ وڙهي بعد ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ۾ شموليت ڪندڙ 80 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. جڏهن ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي تنظيمي ڍانچي جي غير موجودگي بابت اٿاريل سوال کي آساني سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کان پنهنجو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان (بيٽ) کي بحال ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو گذريل سال پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي نتيجي ۾ آيو آهي. ان وقت جڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ بي ضابطگين بابت الزامن کي رد ڪندي بيٽ جو نشان بحال ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ انٽرا پارٽي اليڪشن کي غير آئيني قرار ڏيندي چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور چونڊن ۾ حصو نه ورتو. پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوارن آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي. اليڪشن کٽڻ بعد هنن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي، جن بعد ۾ مخصوص سيٽن تي پنهنجي دعويٰ بابت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 8 ججن تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي تازي اڪثريتي فيصلي سان پي ٽي آءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سياسي پارٽي طور بحال ٿي چڪي آهي.

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.