نوشھروفيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشهروفيروز جي گل ٽائون ۾ گذريل رات نوجوان ناري صوبيا شاهه تي سندس پيءُ ۽ چاچن پاران مبينا غير انساني تشدد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سندس ٻئي ڄنگهون زخمي ڪري ڇڏيون آهن، ايس ايس پي ھائوس سامھون ٿيل درد ناڪ واقعي جي ايف آءِ آر سٽي ٿاڻي تي 6 جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي آھي جن ۾ سندس پيءُ غلام مصطفيٰ شاھه، چاچا قربان شاھه، محمد علي شاهه، شھنشاهه، عرفان شاهه ۽ مشتاق شاهه شامل آھن. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي نوشهري فيروز جو چوڻ آهي ته پوليس کي جيئن ئي سيد صوبيا شاهه جي ڪال آئي ته ترت ناري کي کڻي اسپتال پهچايو، هڪ جوابدار قربان شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي، باقي جوابدار گهر ڇڏي فرارٿي ويا آهن، پوليس ڇاپا هڻي ڪري رهي آهي ۽ صوبيا شاهه جي پوري مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پوليس موجب، سيد صوبيا شاهه ٻڌايو ته هو بيروزگار آهي ۽ سندس ڪو به سهارو نه اٿس.
نوشهرو واقعو درندگي ۽ جهالت جو مثال آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي نوشھروفيروز ۾ عورت سيد صوبيا بتول جون ٻئي ٽنگون وڍڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته واقعو انتھائي سفاڪي، بي حسي، درندگي ۽ جھالت جو مثال آھي. ائين لڳي ٿيو اسين پٿر جي دؤر ۾ اچي ويا آھيون. ڪا انسانيت، ڪو قانون، ڪو انصاف ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري، جرڳائي وڏيرڪو نظام آھي، جنھنڪري ھر طاقتور ماڻھو سمجھي ٿو ته اھو ڪنھن کي به قتل ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪري ڪجھ لک ڀري سزا کان آجو ٿي ويندو ۽ ان کي ڪجھه به نه ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي نياڻين، عورتن ۽ ٻارن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي.