ڪوٽ غلام محمد ۾ ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 2 گهرڀاتي قتل

ڪوٽ غلام محمد(رپورٽ:الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد شھر ڀرسان ڪوٽ غلام محمد شاخ جي پاسي سان ويگو گاڏي ۾ سوار 6 ھٿياربند گھر ۾ گھڙي مبيانه ڌاڙو ھڻڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي سرن جي  بٺي مالڪ حاجي وڪيل خان پٺاڻ ۽ سندس ڀائيٽي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪري ناڪا بندي ڪرڻ بعد ويگو گاڏي سوڌو 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا آھن گرفٿار جوابدارن ۾ ٽنڊو آدم واسي محمد قاسم ولد فتح محمد جوڻيجو  لطف شاھ کپرو واسي روشن علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس پاران مقتولن جا لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ لاء تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪيا ويا آھن ٻي پاسي وڍقعي بعد ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد احمد مسعود ايس ايس پي  عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، اسسٽنٽ  ڪمشنر ريحان ڏيٿو، مختيارڪار نظير احمد خاصخلي پڻ ٿاڻي تي پھچي ويا آھن، جڏھن ته واقعي بعد پٺاڻ برادري جا وڏي تعداد ۾ ماڻھو ٿاڻي اڳيان گڏ ٿي ويا آھن پوليس پاران  اڻوڻندڙ واقعو پيش اچڻ جي خدشي سبب اضافي  پوليس موبائلن سوڌو وڏي پوليس جي نفري پڻ گھرائي ورتي آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جوـڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي، ھوڏانھن ٻنھي مقتولن جا مڙھه نمازي جنازه ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهھ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ اباڻي قبرستان ڪوئٽا کڻائي ويا آھن، واقعي بعد تعلقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.