شهدادڪوٽ ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ نوجوان ڦورن هٿان قتل، ڌرڻو

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي)شھدادڪوٽ ۾ نامعلوم ھٿياربندن پاران موبائل فون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي سي ايس ايس امتحان لاءِ تياري ڪندڙ 25 ورهين جي نوجوان امان  بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، افسوسناڪ ناڪ واقعو شھر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن واري پاڙي ۾ پيش آيو آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان امان الله بروهي پنهنجي گهر جي آڏو بيٺل هو ته موٽر سائيڪل تي سوار 3 هٿياربند سندس ئي پاڙي جي نوجوانن کان موبائل فون ۽ پيسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ٻي پاسي واقعي کي 16 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود به پوليس جوابدارن جو پتو نه لڳائڻ ڪري مقتول جي وارثن نوجوان جو لاش ڪوٽو موٽو چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جڏهن ته ڌرڻي ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ بروهي برادري جي سوين ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي،مظاهرين واقعي کي پوليس جي نااهلي ۽ کلي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو ته موبائل فون ڦر ڪرڻ جي مزاحمت ڪرڻ تي ڪنهن کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ ظلم جي انتھا آھي اڳواڻن احمد نواز بروهي، عبدالله بروهي، رميز تونيو ۽ ٻين چيو ته افسوس آهي ته واقعي کي 16 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر پوليس جوابدارن جو پتو لڳائي نه سگهي آهي ۽ نه وري ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ڪا انصاف ٿيڻ جي ڪا آٿت ڏني آهي، هنن چيو ته ايس ايس پي امن امان قائم ڪرڻ م مڪمل طور ناڪام ويو آهي جنھن جو ثبوت سندس مقرري جي مختصر مهينن ۾ ضلعي اندر قتل، ڦرلٽ، چورين ۽ ڌاڙن واري ڪاروائين جو بدترين مثال موجود آهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته مقتول نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ ضلع ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر  بڻائي شهرين جي جان ومال جي حفاظت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.