ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پراچه ٽيڪسٽائل ۽ ڪولا ٽيڪسٽائل جي مالڪ ذوالفقاراحمد جي بازيابي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتي،آءِ جي سنڌ سميت ٻين کي نوٽيس جاري 30جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار ذوالفقار احمد جي زال پنهنجي موقف ۾ چيو ته 23 جولاءِ تي ذوالفقاراحمد ۽ سندس دوست قيصر کي ماڙي پور وٽان 8ماڻهن گاڏي کي روڪي ذوالفقار ۽ سندس دوست قيصر کي اغوا ڪري ويا. اغواڪندڙن ڪجهه اڳيان قيصر کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته قيصر گهروارن کي ٻڌايو آهي ته ذوالفقار جو ڪابه پتو نه آهي، هن کي بازياب ڪرايو وڃي.