فيصلي تي غلط بياني ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ برابر آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مبارڪ نظرثاني ڪيس جي حوالي سان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته عدالتي فيصلي کي غلط  بياني ڪرڻ ۽ ان جي پروپيگنڊا ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي خدمت نه آهي اهو عمل بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو.عدالت چيو آهي ته آئين شهرين کي اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو، اظهار جي آزادي کي اسلام جي عظمت يا ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي کي غلط بيان ڪرڻ ۽ ان جي پروپئگنڊا ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ناهي، پر اهو ملڪ ۾ فساد ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن جي اسلام ۾ پابندي آهي.

  1. برطانوي صحافي کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملي

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتل برطانوي صحافي چارلس گلاس کي ساڻس ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي برطانوي صحافي چيو ته مان پي ٽي آءِ باني جي دوست جي حيثيت سان اڊيالا جيل آيو آهيان، مان سمجهان ٿو ته عمران خان کي جيل جي سلاخن پٺيان نه وڃڻ گهرجي، اميد آهي ته عمران خان جيل مان جلد آزاد ٿي ويندو.برطانوي صحافي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ادارن کي ملڪ مان بک ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

  1. ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت کي باهه لڳي وئي، 5 ڄڻا بيهوش، اسپتال منتقل

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي ميٽرو پول ويجهو عمارت جي نائين ماڙ تي باهه لڳي وئي.پوليس اختيارين موجب باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ دونهون  پکڙجي ويو، جنهن سبب 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن مان 2 کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب عمارت ۾ دونهين سبب ريسڪيو آپريشن روڪيو ويو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻيهر شروع ڪيو ويو. عمارت ۾ موجود سمورن 50 ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ عمارت جي ڇت تي ويٺل ماڻهن کي اسنارڪل جي مدد سان هيٺ لاٿو ويو.

  1. يمن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٻيڙي اونڌي، 45 ڄڻا ٻڏي ويا

صنعا (م ڊ) يمن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 45 ڄڻا ٻڏي ويا. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر موجب واقعو تائز گورنريٽ  جي سمنڊ ۾ گذريل رات پيش آيو. حادثو تيز هوائن ۽ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي سوار ٿيڻ سبب پيش آيو. 4 ڄڻن کي ريسڪيو ويو جڏهن ته ٻيا هٿ نه اچي سگهيا، ڳولا جاري  آهي.

  1. توهين عدالت ڪيس، اسٽيل مل جي سي او سميت ٻين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽيل مل جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اسٽيل مل جي سي او سميت ٻين  کي 19آگسٽ جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌهاءِڪورٽ ڪهڙي به ملازم کي 2015ع کان ملازمت مان ڪڍڻ سان منع ڪيو آهي .عدالتي اسٽي آرڊ جي باوجود سي اي او ملازمن کي ملازمت مان ڪڍڻ جا زباني حڪم نامو جاري ڪيو آهي .سي اي او مختلف ماڻهن کي ڊيوٽي نه اچڻ جو حڪم ڏنو آهي .اگر هئي صورتحال رهي ته اسٽيل مل جا اسڪول.اسپتال سميت ٻيا شعبي بند ٿي ويندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.