پاڪستان پنهنجي تاريخ مان ڪجهه ناهي سکيو: نريندر مودي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته  پاڪستان خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. ”ڀارت پاڻ ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي ڪري ٿو. هڪ بيان ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت دهشتگردي لاءِ ٻين کي بدنام ڪرڻ بدران پاڻ ڏانهن ڏسي ڇو ته هو ٻين ملڪن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌمڪيون ڪشمير سميت ڊگهي مدي واري تڪرار جي حل لاءِ نقصانڪار آهن.  هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي سالميت خلاف ڪنهن به جارحيت خلاف ڀرپور دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحيت واري عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. واضح رهي ته نريندر مودي اهو الزام پاڪستان سان هندستان جي مختصر ڪارگل جنگ جي 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هماليه جي علائقي ڪارگل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ پراڪسي وار ذريعي پنهنجي اهميت برقرار رکڻ چاهي ٿو پر ان جا منصوبا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ماضي ۾ جيتريون به غلط ڪوششون ڪيون کيس شڪست ملي پر هن پنهنجي تاريخ مان ڪجهه ناهي سکيو.  ڪارگل جنگ کي 25 سال پورا ٿيڻ تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اهميت برقرار رکڻ لاءِ دهشتگردي ۽ پراڪسي وار جو سهارو وٺي رهيو آهي. ڀارت امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر بدلي ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ناقابلِ اعتماد چهرو ڏيکاري رهيو آهي. سچ جي سامهون ڪوڙ ۽ دهشتگردي هميشه  هارائي ويندي آهي. هن چيو ته  مان چوڻ چاهيان ٿو ته سندن ناپاڪ منصوبا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ 5 آگسٽ تي آرٽيڪل 370 جي خاتمي کي پنج سال پورا ٿي ويندا. ڄمون ڪشمير نئين مستقبل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، وڏن خوابن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.