اسلام آباد (م ڊ) رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ پي ٽي آءِ جي بيانيي ۾ تبديلي اچڻ کانپوءِ اهو سوال اڀريو ته اهڙي تبديلي ڇو اچي رهي آهي ۽ ڇا ٿيو آهي. ان حوالي سان صحافي ۽ تجزئي نگار سهيل وڙائچ نجي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڪجهه ٿيو به آهي يا نه پر حقيقت ۾ پي ٽي آءِ طرفان اها اڳڀرائي سٺو سنوڻ آهي ڇو ته سڀ کين ڊگهي وقت کان اهو ئي چئي رهيا هئا. صورتحال اها آهي ته ٻئي ڌريون مورچن ۾ آهن ۽ ان صورت ۾ ڪير لچڪ ناهي ڏيکاريندو، جيڪو لچڪ ڏيکاريندو آهي ان کي نقصان ٿيندو آهي. نقصان کي ڇڏي قومي مفاد کي ڏسڻ گهرجي پر ڪير ان لاءِ تيار هوندو؟ ماضي ۾ سڀني پنهنجا مفاد ڏٺا آهن. ٻئي پاسي اقتدارين، اليڪشن ڪميشن ۽ اختلافن ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي، ظاهري طور ڀلي کڻي هو عدالتن مان رليف وٺي رهيا آهن پر ٻئي پاسي جيڪي اشارا ملي رهيا آهن اهي پي ٽي آءِ طرفان وڌيڪ ۽ رياست طرفان گهٽ آهن. تجزئيڪار شهزاد اقبال موجب حڪومت رياست سان هڪ پيج تي آهي، پي ٽي آءِ جي پيغامن کي هاڪاري ڏسڻ گهرجي، اڳ چوندا هئا ته نيوٽرل جانور هوندو آهي هاڻي نيوٽرل ٿيڻ جي اپيل ڪن ٿا، هو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته حڪومت نااهل آهي ۽ غير مقبول آهي تنهن ڪري ڊي جي آءِ ايس پي آر کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پوي ٿي ۽ اسان مقبول آهيون. ٻئي پاسي کان ڪهڙو جواب ايندو؟ اهو اڃا تائين ناهي آيو. ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ طرفان وري ڪو ٻيو بيان يا وري نئون بيانيو ۽ انٽرويو اچي وڃي، ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي.