ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ هميشه مخلوط حڪومت رهي آهي، جنهن ۾ وڏو وزير بليڪ ميل ٿيندو رهيو آهي، پر مون تي جيسيتائين ايوان جو ڀروسو رهيو، تيستائين وڏو وزير رهندس ۽ بليڪ ميل نه ٿيندس.سول سيڪريٽريٽ ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ بيڊ گورننس جي ذميوار سياستدان ۽ بيوروڪريٽس آهن، حڪومت سنڀالڻ وقت صوبي ۾ گورننس جي کوٽ هئي، 200 ارب رپين مان صوبي کي ترقي نه ٿي ڏياري سگهجي پر سوال اهو آهي ته اهي 200 ارب رپيا ڪيڏانهن وڃن ٿا، غيرترقياتي بجيٽ تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪجهه عرصي کان پوءِ اسان وٽ پگهارن لاءِ به پئسا نه هوندا.هن چيو ته صوبي ۾ بيورو ڪريسي جو اهي نظام هلڻ وارو نه آهي، الف انار ۽ ب بڪري واري تعليم سان معاشرو ترقي نه ڪندو،