ملڪ جي امن امان جي صورتحال هر ڏينهن ڀيانڪ شڪل اختيار ڪندي ٿي وڃي. چئني صوبن ۾ صورتحال ساڳي آهي. بک، بي روزگاري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري وڌو آهي. ماڻهو هر ڏهاڙي آپگهات ڪندي زندگيءَ کي زهر پياري قبر ڀيڙا ٿين ٿا. ڏينهن ڏٺي ڦرون، اغوائون، قتل ٿي رهيا آهن. ٻارڙا ڪنهن جا به هجن، ڪهڙي به مذهب جا هجن، تن کي مرڪندو ڏسي دل خوش ٿيندي آهي. سندن جيئڻ جو حق سماج مٿان فرض هوندو آهي. اسلام ۾ غير مسلمانن کي ذِمي ان ڪري سڏيو ويو هيو. جو سندن مال، ملڪيت، گهر، زمين، زردولت، عزت آبرو، جان جي حفاظت جو ذمو وقت جي حڪومت جي ذميواري ۾ هوندو هئو.
پريا ڪماري پڻ هڪ معصوم مکڙي جيان آهي، جيڪا ٽن سالن کان اغوا ڪري چورائي وئي آهي. سندس آزاديءَ لاءِ احتجاج عالمي ليول تي انساني ضميرن کي جاڳائي وڌو آهي، پر جيڪڏهن ستل آهي ته سنڌ حڪومت جو ضمير ننڊ پيل آهي. روزانو ڏٽا، دلاسا وارثن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن کي ڏنا وڃن ٿا، ته اجھو ئي ڏينهن ٻن ۾ سندس آزادي جي خبر عوام کي ڏبي. اغوا ڪندڙن جي ويجهو پهتل آهيون، پر اها ويجهڙائي کُٽي نٿي. ويتر پري ٿيندي وڃي ٿي.
هتي ظلم، زيادتي ته هر هڪ ذات قوم سان ٿي رهي آهي، پر هندن سان انتهائي وڌيڪ ناانصافي ۽ ناجائزي ٿي رهي آهي. ڪڏهن ته سنڌ ۾ اغوا ڪندڙن جا پيرا حڪومت ۾ ويٺل وزيرن جي اوطاقن تي اچي گم ٿيو وڃن ٿا. ماڻهو اڳئين دور ۾ جتي پيرا کڻي ويندا هئا ته چورن جا پيرا ليڪي ايندا هئا. اڄ اهي ليڪيل پيرا ڀوتارن جي بنگلن ڀرسان ڇڏيو اچجن ٿا.
مٽياري شهر مان کنيل هندو نوجوان واپاري، شڪارپور جي هڪ وڏي اوطاق يا فارم هائوس مان مليو آهي. ان کان سواءِ ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ مان ٽي هندو واپاري ڪار ۾ ويندي کنڀيا ويا آهن. هڪ نوجوان کي علائقي واسين ناڪا بندي ڪندي روڊ تي رڪاوٽون وجهي کيس ڇڏائي ورتو آهي. ڪرم پور، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ماٿيلو جي هندن لاءِ رهڻ جا شهر هاڻي رهيا ئي ناهن، پنج هندو گهراڻا جيڪب آباد مان لڏي هندستان روانا ٿي چڪا آهن. پيپلز پارٽي جي پندرهن سالن جي حڪمرانيءَ ۾ هزارين ماڻهو اغوا ٿيا۽ ايترا وري لڏي هندستان هليا ويا. جتي حياتي جي حفاظت نه ملندي ته ماڻهو ٻئي پاسي ڇو ڪين لڏيندو؟
هتي ھندن جي حفاظت نه اڳ ٿي هئي، نڪي اڄ ئي ٿي رهي آهي.پني عاقل ۾ هڪ هندو نوجوان کي ٻه بوتلون شراب جون رکڻ ڪري پوليس ساڻس هڪ صحافي جي چغلي هڻڻ، ساڻس دلالي ذريعي ڀتو مقرر ڪرڻ تي سکر جيل موڪليو ويو، جتي پيسن ڏيڻ لاءِ مٿس تشدد ڪري کيس ماريو ويو، هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته لاهور ۾ مزاحمتي شاعر حبيب جالب کي پوليس شراب پيئڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي، ترقي پسند وڪيل عابد حسين منٽو کي خبر ڏني وئي. هن لاهور جي ڪور ڪمانڊر کي فون ڪئي ته اوهان جي پوري ڇانوڻي شراب پيئي ٿي، ٻيا سڀ اشرافيه پڻ پيئن ٿا. رڳو اچي پوليس کي جالب جا ٻه ڍڪ پيئڻ ڏوھ بڻيا آهن. ڪور ڪمانڊر ٿاڻي تي فون ڪرائي جالب کي آزاد ڪرايو ويو، سو سمورو ملڪ ۽ معزز ماڻهو شراب پيئن ٿا. بس ڏوهي اچي هڪ ڪمزور واڻيو ئي بڻجي ٿو. جڏهن ته هندن کي شراب پيئڻ، رکڻ جي پرمٽ پڻ سرڪار پاران مليل هوندي آهي، پر نوانوي سيڪڙو شراب جي دوڪانن تي مسلمانن جي رش ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
پريا ڪماري لاءِ چيو ٿو وڃي ته کيس سندس ڳوٺ سنگرار جي هڪ اغوا جو ڪاروبار ڪندڙ راڻي شيخ نالي عورت اغوا ڪري، پنجاب ۾ لاڏائو ماڻهن وٽ وڪڻي آئي آهي. ڇا راڻي شيخياڻي ڪنهن واٽ ويندي واٽهڙو کي سندس ٻانهن هٿ ۾ ڏيندي ڏه هزار وٺي هلي آئي هوندي؟ جيڪڏهن هو اغوائن جو ڪاروبار ڪندڙ آهي ته، سندس هڪ گينگ ۽ گروپ هوندو، سنڌ پوليس سندس ذريعي ان گروه تائين نٿي پهچي سگهي، رڳو احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وزير اعلي اعلان ڪيو آهي ته، موٽائڻ واري ماڻهو کي هڪ ڪروڙرپيا انعام ڏنو ويندو. جڏهن ته ماڻهن منجھه چوٻول آھي ته کيس اغوا ڪندڙ سندس ئي ڳوٺ سنگرار جا با اثر ڀوتار ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي حڪومت جي هڪ وڏي وڻ جي ڇانو هيٺان ويٺل آهن، ته پوءِ ڇا کين ڇڏي ڏيڻ کپي، ڇو نٿو کين اڻ ڌري جاچ ۾ آڻجي، ۽ اھا جاچ سنڌ پوليس کان وٺي ٻئي صوبي جي ڪنهن ساکائتي ايجنسي کي ڏيڻ کپي ته پريا ڪماري پنجن ڏينهن ۾ واپس ملي سگهي ٿي.سنڌ حڪومت دنيا جي خلق جي خواري کان ڇو نٿي ڊڄي، ڇا ڪروڙ روپيا جي آڇ ڪرڻ سان پريا موٽي سگهندي؟
ٻئي پاسي مهانگائي ايتري ڪئي وئي آهي، جو بجليءَ جو هڪ يونٽ ستر روپين کان مٿي جو ٿي چڪو آهي، جيڪو بل نٿو جمع ڪرائي ان کي فوجي طاقت ذريعي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي، کانئس بل جا پيسا وصول ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ڪيا ويا آهن. ماڻهن جي سموري پگهار ۽ پينشن، مهيني جي ڪمائي، رڳو بل پيارڻ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي. بجليءَ جي ڳوري بل اچڻ سبب ٻن ڀائرن ۾ اختلاف ٿيو، هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٽن ٻارن جي ماءُ بل نه ڀرڻ سبب ٽن ٻارن کي ساڻ ڪري، رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي مرڻ لاءِ ٽپو ڏيندي بچائي ويئي آهي. ان کان سواءِ سموري سنڌ ۾ پندرهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ماڻهن جو روزگار بند ٿي ويو آهي، پيسي وارا ماڻھو ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي رهيا آهن، خود حڪومت ۾ ويٺلن جا ٻار ۽ ملڪيتون ٻاهر هوندي اتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، وري ٻين ملڪن جي واپارين کي ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ جا سنيها موڪلي رهيا آهن.