پاڻي جي معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي پاران جوڙيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن پنجاب پاران سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود چشمان جهلم لنڪ ڪئنال جي وسيلي 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪافي عرصي کان کنيو پيو وڃي جنهن ڪري سنڌ اندر هن وقت پاڻي جي کوٽ جيڪا شديد صورت حال اختيار ڪري وئي آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي تڪرار اڄ جو ناهي اهو ننڍي کنڍ ۾ انگريز راڄ يعني 1859ع کان هلندو پيو اچي ان تڪرار جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن پنجاب هندوستان ۾ برطانوي راڄ دوران ناجائز طور تي سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ آبپاشي جا تڪراري منصوبا پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ جي سرزمين کي غير آباد ڪرڻ جا منصوبا جوڙڻ شروع ڪيا جيتوڻيڪ دنيا جو اهو مڃيل عالمي قانون آهي ته درياهن، واهن، ڪئنال، توڙي واٽرن تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي ۽ پڇڙي وارن جي مرضي بنا درياهن، ڪئنالن توڙي واٽرن تي ڪو به بند ٻڌڻ ڪو به ٻنڊو ڏيڻ غير قانوني عمل هوندو آهي پر پنجاب انگريز راڄ کان وٺي دنيا جي عالمي اصولن معاهدن جي ڪڏهن به پاسداري نه ڪئي نه وري سنڌو جو پاڻي چورائڻ واري روش بند ڪئي ايتري قدر جو انگريز دور ۾ به پنجاب هميشهه گوري سامراج سان هر ڪڌي عمل ۾ وفاداري نڀائڻ جي ڪري نور نظر رهيو پر ان هوندي به اڄوڪي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي انگريز راڄ ۾ وري به پاڻي جو جائز حصو ملندو رهيو ۽ سنڌ انڊس بيسن درياهن يعني سنڌو جهلم، چناب، راوي، بياض ۽ ستلج جي پاڻي جي پڇڙي واري ڌر جي حيثيت ۾ حصيوار ۽ ڀاڱيوار هئي ۽ آهي پر پنجاب جي اختيارين برطانوي راڄ ۾ پنهنجي وفاداري جو فائدو وٺندي انڊس بيسن درياهن تي ناجائز طور ڊيم ڪئنال ۽ واهه ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جنهن جو ثبوت 1855 کان 1901 جي عرصي تائين تعمير ڪيل سرهندي ڪئنال، لوئر چناب ڪئنال ۽ لوئر جهلم ڪئنال آهن ۽ ساڳي ريت 1908 ۾ پهاڙپور ڪئنال، 1917 ۾ اپر سوات ڪئنال، 1915 ۾ جلهم ڪئنال، چناب ڪئنال، لوئر بالي ڪئنال ۽ وڏي ڳالهه ته 1919 ۾ سنڌو درياهه کي لاڳيتو ٻنڊو ڏيڻ لاءِ 1919 ۾ ستلج ويلي منصوبي تحت 11 ڪئنال ۽ 4 ٻيا آبپاشي جا منصوبا جوڙڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هئي.
جڏهن سنڌوءَ تي ان وقت ڌاڙي هڻڻ واري ڪوشش ٿي رهي هئي ته سنڌي ماڻهو انگريز سرڪار اڳيان دانهڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي حڪومت ان جو نوٽس ورتو اها دانهن جڏهن مرڪزي سرڪار ڏانهن وئي ۽ انگريز سرڪار ڪاٽن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ پنجاب کي نوٽيس ڏنو ته سنڌ جي مرضي کان سواءِ سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ڪو به ڪئنال ڪو به واهه کوٽڻ ۽ ٺاهڻ غير قانوني، غير آئيني عمل هوندو ۽ ان تي ڪو به منصوبو پنجاب پنهنجي مرضي سان جوڙي نه ٿو سگهي اڃا انگريز سرڪار جي انهيءَ حڪم نامي کي چند ڏينهن ئي گذريا ته 1935 ۾ پنجاب اهو اعتراض واريو ته سکر بئراج سنڌو درياهه تي ٺاهڻ غير آئيني آهي ڪيڏي نه حيرت ٿئي ٿي جو سنڌ جي سرزمين تي برصغير جي ورهاڱي کان اڳ به پنجاب کي سنڌ اندر سنڌو درياهه تي بئراج ٺاهڻ تي به اعتراض هو جيڪڏهن انگريز سرڪار ان وقت موجوده سکر بئراج نه جوڙي ها ته شايد 47ع کان پوءِ سنڌ کي نه سکر بئراج نصيب ٿئي ها نه وري موجوده واهه نصيب ٿين ها. انهيءَ 35ع واري دور ۾ انگريز سرڪار اينڊرسن ڪميٽي جوڙي جنهن جي رپورٽ 30 مارچ 1937ع تي جاري ڪندي پنجاب جي سکر بئراج واري اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هڪ ڏينهن لاءِ اها سازش بند نه ٿي غير قانوني ۽ ڏاڍ جي بنياد تي آبپاشي وارا منصوبا جوڙڻ وارو سلسلو جاري رکيو ويو جڏهن ته پنجاب جون اهي ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته سنڌي ماڻهن جي دانهن تي 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو ڪرايو ويو ۽ اهو معاهدو ڪلڪته هاءِ ڪورٽ جي اڳواڻي ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس راءِ جي فيصلي طور ٺاهه ڪيو ويو جنهن جي نالي سان راءِ ڪميشن به جوڙي وئي هئي ائين ئي سنڌ هڪ ڀيرو وري 1939ع ۾ انگريز سرڪار اڳيان دانهيو ته پنجاب بکرا ڊيم جي نالي سان سنڌوءَ جو پاڻي چورائڻ جو ارادو رکي ٿو ان بابت به راءِ ڪميشن واضح طور تي پنجاب جي اهڙي هوڏ کي رد ڪندي حڪم ڏنو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي نه سنڌو درياهه تي بکرا ڊيم نه وري ٺل ڪئنال يا ڪو ٻيو ڊيم ۽ واهه جوڙي سگهجي ٿو.جڏهن ته پهريون حق سنڌوءَ جي پاڻي تي انگريز دور ۾ به سنڌين تسليم ڪيو ويو هو پر منگلا ۽ تربيلا ڊيم جيڪي زبردستي سان جوڙيا ويا ان مان گهربل پاڻي به سنڌ کي نصيب نه ٿيو ان جي ابتڙ منگلا ۽ تربيلا جي متاثرين کي سنڌ ۾ بئراجي زمينون تحفي طور ڏئي کين ترسايو ويو.
سنڌ سان اهو ورتاءُ ماضي جي ڪهاڻي آهي ۽ موجوده جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سنڌ سان ٿئي پيو اهو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ان کان سواءِ جڏهن ڄام صادق جي غير نمائنده بڻيل حڪومت زبردستي طور 1991 وارو پاڻي ٺاهه سنڌي ماڻهن جي منشا ۽ مرضي کان سواءِ ڪيو پئي ويو ته ان وقت به سنڌي ماڻهن جيڪا مزاحمت ڪئي هئي اها به تاريخ جي ورڪن ۾ اڄ به موجود آهي پر ايتري قدر جو جڏهن اها مزاحمتي تحريڪ اثرائتي ٿيڻ لڳي ته ان وقت جي پاڻي وزير مسرور خان جتوئي سال کان پوءِ ميڊيا ذريعي اهو انڪشاف ڪيو ته منهنجي صحيح کان سواءِ اهو معاهدو ڪيو ويو آهي جيڪو اڄ به تاريخ جي ورڪن ۾ موجود آهي. اڄ به سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين سمنڊ جون ڪاري پاڻي جون ويرون چڙهڻ سبب ٺٽي بدين کان وٺي کاروڇاڻ تائين 25 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي 19 لک ايڪڙ زمين جيڪا ڪچي تي مشتمل آهي اها به پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ۽ برباد آهي ۽ دنيا جا ڇهون نمبر ليکيا ويندڙ سنڌ جا ٻيلا جن جي ايراضي 6 لک 50 هزار ايڪڙ تي آهي جتان لکين مڻ کنئور، ماکي ۽ ڪاٺ جو ٻالڻ مهيا ٿيندو هو اهو به ناهي رهيو ايتري قدر جو سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان 6 لک ايڪڙن تي ٻڌل تمر جي وڻن جو ٻيلو هوندو هيو جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب پاڻي ماهرن موجب هڪ لک ايڪڙن تائين وڃي بچيو آهي
جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته پوءِ شايد سنڌ ۽ سنڌو جو به نشان نه رهي ڇا هن ملڪ جي هڪ صوبي جي رهواسين جو پاڻي بند ڪري انهن کان جيئڻ جو حق کسي وري انهن کي چيو وڃي ته اوهان جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم سميت نون ڊيمن جي مخالفت ڪيو ٿا ان ڪري اوهان ملڪ جا غدار آهيوپر هن وقت پنجاب جا حڪمران چشمان جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهڻ وقت ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان جنهن فزيبلٽي رپورٽ تي صحي ورتي هئي ان ۾ واضح لکيل آهي. ته سنڌو دياءَ مٿان ٺهندڙ چشمان جهلم لنڪ ڪئنال کي صرف ٻوڏ اچڻ وقت کولي سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻي سگهبو پر اڳتي هلي پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ چالاڪي سان ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي چيو ته چشمان جهلم لنڪ ڪئنال وٽ سنڌو مٿان بجلي گهر تعمير ڪيو وڃي ٿو ان مان صرف بجلي پيدا ڪرڻ تائين پاڻي کنيو ويندو.
پر تاريخ جا پنا اٿلائي پڙهي ڏسو ته ان چشمان جهلم جي فزيبلٽي رپورٽ ۾ لکيل هجڻ باوجود پاڻي جي کوٽ هوندي ڏاڍ جي بنياد تي چشمان جهلم لنڪ ڪئنال نه رڳي کولي ڇڏيو پر ان مان پاڻي کڻڻ جي لاءِ درياءَ ۽ شاخون جوڙي پنهنجي لکين غير آباد زمينن کي آباد ڪري چيو ته ان پاڻي تي اسان جو حق آهي هيءُ آهي هن ملڪ اندر انصاف پنجاب جي حڪمرانن جن پاڻ انهن دستاويزن تي لکي چيو آهي ته چشمان جهلم لنڪ ڪئنال کي صرف ان وقت کوليو ويندو جڏهن سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورت حال هوندي ۽ هتي ٿيندو ائين ٿو اچي ته چشمان جهلم لنڪ ڪئنال جڏهن سنڌو ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي ان وقت پنجاب کولي وهائيندو آهي ۽ جڏهن وري سنڌو درياءَ ۾ پاڻي چڙهيل هوندو آهي ان وقت هٿ سان ان کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ان جي لاءِ بند ڪيو ويندو آهي جيئن سنڌ جا ماڻهو ڀلي ٻڏن هيءُ آهي هن ملڪ اندر پنجاب جي حڪمران جو پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جو ثبوت ۽ انتهائي ڏک جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هن ملڪ اندر پاڻي جو ماهرانهن کي چيو ٿو وڃي جن کي اها خبر به ناهي ته سمونڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي جا وري پاڻي جو زيان ڇو ته سمونڊ ۾ مٺو پاڻي ڇڏڻ سان کاري پاڻي جون لهرون پوتي هٽي وڃن ٿيون ۽ مٺي پاڻي کي نقصان نٿيون پهچائن ان ڪري موجودهه وفاقي حڪومت اڪلي سر مسلم ليگ ن جي ڪان آهي پ پ به ان سان ڀاڱي ڀائيوار آهي جنهن ڪري پ پ جي مرڪزي قيادت کي گهرجي ته جيترو جلدي ٿي سگهي ته سنڌو دياءَ مان پنجاب پاران ڏاڍ وسيلي پاڻي کڻڻ واري عمل کي بند ڪرائن ۽ چشمان جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪن