ڪراچي ۾ فائرنگ، اڪبر بگٽي جي ڀائيٽي سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ڊفينس نشاط ڪمرشل ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو،5ڄڻا مارجي ويا،3 زخمي تفصيل موجب ڪراچي ڊفينس ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ فهد بگٽي،نصيب الله بگٽي  سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2  زخمي ٿي پيا،اکين ڏٺن شاهدن مطابق واقعو گاڏي اوور ٽيڪ ڪرڻ تان واقعو پيش آيو،ڪراچي پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڍو چيو ته واقعو پراڻي دشمني لڳي رهيو آهي،صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن مارجي ويلن ۾ فهد بگٽي، نصيب الله، شهمير محسن بگٽي، مير عيسيٰ بگٽي ۽ علي بگٽي ۾ شامل آهن، زخمين ۡ۾ مير علي، حيدر ۽ قائم علي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.