بيجنگ(م ڊ) پاڪستان چين کي 15 ارب ڊالرن جي قرض جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جي باضابطه طور تي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ توانائي وارو وزير اويس لغاري بيجنگ پهچي ويا آهن، جتي هنن چين جي ناڻي واري وزير لان فوان سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران وزيرن چيني وزير کي ٽيڪس، توانائي ۾ سڌارا آڻڻ وارن حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.ملاقات ۾ ٻنهي طرفن مالياتي ۽ بينڪنگ تعاون کي هٿي وٺرائڻ سميت ٻطرفي اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان دوران چيني وزير پاڪستان جي سڌارن جي ڪوششن کي ساراهيو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.