لاهور ( م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ۽ وڊيو لنڪ تي حاضري جو نوٽيفڪيشن به رد ڪيو.. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ خلاف درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق ۽ جسٽس انوار الحق تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته ڪيس ۾ پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اوهان جوابدار کي فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ لاءِ فورس ته نٿا ڪري سگهو، جڏهن ته جسٽس انوار الحق رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڪڏهن خيال آيو ته هاڻي ماڊرن ڊيوائسز ڏانهن وڃڻ گهرجي؟ پراسيڪيوٽر جنرل فرهاد علي شاهه پنهنجي دليلن ۾ چيو ته فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ جي سهولت جيل جي اندر ئي آهي، ان موقعي تي پراسيڪيوشن کي پورو موقعو نه ڏيڻ زيادتي هوندي، آخر ۾ سڄو الزام پراسيڪيوشن تي پوندو آهي ته اِها ناڪام رهي. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته پي ٽي آءِ باني ٽوئٽس ذريعي خاص بيانيو ٺاهيو، جن موبائل ذريعي ٽوئيٽ، واٽس اپ ڪيا ويا ان جي برآمدگي جاچ کانسواءِ ممڪن ناهي. دليل ٻڌڻ بعد عدالت 12 ڪيسن ۾ عمران خان جي جسماني رمانڊ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏنو ۽ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي حاضري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي آءِ ايس پي آر سربراهه کي ”شٽ اپ ڪال“
اسلام آباد (عمران شفقت) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن جسٽس طارق سليم ۽ جسٽس انوار الحق تاريخ لکندي پوليس کي پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف 9 مئي جي ڪيسن ۾ پوليس کي جاچ لاءِ رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري انوکو فيصلو ڏنو آهي، ائين دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿيندو آهي. عدليه عمران خان جي محبت ۾ پاڳل ٿي کيس رليف مٿان رليف ڏئي رهي آهي. اهڙي انصاف جي قتل خلاف ڪو صحافي ڳالهائي ٿو ته ان کي نوٽيس ملي ٿا وڃن. ججز جو فيصلو محبوب اڳواڻ جي محبت ۾ ملڪ کي قربان ڪرڻ جهڙو فيصلو آهي. آءِ ايس پي آر جي سربراهه پاران ٻه ڏينهن اڳ ڪيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججز جي بئنچ فيصلو ڏئي کيس "شٽ اپ ڪال” ڏئي ڇڏي. ججز فوجي قيادت کي اڻ فيصلي وسيلي پيغام ڏنو آهي. ججز اهڙا فيصلا ڏئي قانون سان اجتماعي زيادتي ڪري رهيا آهن. اها ملڪ کي خراب حال طرف وٺي ويندي. ججز عمران خان جي محبت ۾ قانون جي آڙ ۾ آئين جي دائري مان نڪري ويا آهن. جيڪڏهن فوج اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض حميد جو ٽرائل ڪري کين جيل ۾ وجهي ها ته هنن ججن کي عمران خان جي حمايت ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي ها. ان لاءِ اصل ڪردارن کي پڪڙڻ تائين معاملا نه سڌرندا.