نيويارڪ(م ڊ) آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو چيو آهي ته صدر بائيڊن آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽو ڪميٽي کي پاڪستان لاءِ 10 ملين ڊالر امداد جي آڇ ڪئي آهي. رپورٽ موجب ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪي معاون پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي آڏو پيش ٿيو، جتي هن پاڪستان ۽ افغانستان بابت بريفنگ ڏني. آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي ۾ پيشي جي موقعي تي ڊونلڊ لو چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي حمايت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، آمريڪي صدر جوبائيڊن پاڪستان لاءِ 10 ملين ڊالر امداد جي درخواست ڪئي آهي. آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لوو ڪميٽي کي ٻڌايو ته امدادي رقم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ، معاشي سڌارن لاءِ قرضن جي صورت ۾ ڏني ويندي، جڏهن ته اها رقم پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اسان جو مڪمل ڌيان پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن تي آهي. هن چيو ته اها امداد خطي ۾ آمريڪا جي دوست ملڪن کي مالياتي نظام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ڪندي ۽ انهن ملڪن جي چين جي جبري قرضن جي ڄار ۾ ڦاسڻ جو خطرو گهٽائيندو. ڊونلڊ لو چيو ته مالي سال 2025 لاءِ صدر بائيڊن پاڪستان کي 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ امداد ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.