وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ تي بندش ۽ آرٽيڪل 6 بابت فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ) وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ تي بندش جو فيصلو نه ڪري سگهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ٽولو اڄ نون حربن سان پاڪستان خلاف وارداتون ڪري رهيو آهي.  وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي دهشتگرد حملن کي منظم سازش قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي ويا آهن. سڪيورٽي ادارن تي حملا منظم سازش آهي، پاڙيسري ملڪ سان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن، ٽي ٽي پي افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي، اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. جرمني سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا افسوس جوڳا آهن، پاڪستاني سفارتڪارن جي حفاظت لاڳاپيل ملڪن جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان پاڪستان پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ پُرڪشش ملڪ بڻجي ويو آهي، 126 ملڪن جي شهرين کان ويزا فيس نه اوڳاڙي ويندي آهي، پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ 24 ڪلاڪن اندر سهولت فراهم ڪئي ويندي، ويزا پاليسي بابت ڪابينا منظوري ڏيندي. هن چيو ته فلسطين ۾ ظلم انسانيت کي لڄائيندڙ آهن جنهن جو ڪٿي مثال نٿو ملي، 40 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.سندس چوڻ هو ته عالمي ادارن اسرائيلي بربريت خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، عالمي عدالت به فلسطين ۾ ٿيل ظلمن کي بدترين قرار ڏنو پر اسرائيلي حڪومت تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جو ڪو اثر نه ٿيووزيراعظم وڌيڪ چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصر اڄ نون حربن سان پاڪستان خلاف وارداتون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي آفيشل ويب سائيٽ تان آرمي چيف ۽ سندس ڪٽنب خلاف واويلا ڪئي وئي، پاڪستان جي مفادن کي بچائڻ لاءِ اسان پوئتي نه هٽنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ سميت ٻين اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. دوست ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئيم گهرو وزارت جي سمري تي 126 ملڪن جي شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي آهي، ان ملڪن لاءِ ڊجيٽل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس وفاقي سرڪار پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن جي ٽرائل لاءِ قانوني گهرج پوري ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ وفاق جي 22-2021 ۽ 23-2022 لاءِ پاليسين تي عملدرآمد ج رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي. ڪابينا اسلا آباد ۾ پيڪا ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ڪورٽن جي منظوري ڏني وئي، پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن ۽ ٻين جو ٽرائل پيڪا ايڪٽ تحت ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2 جون جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن، سول جج ايسٽ اينڊ ويسٽ کي ٽرائل جو اختيار ڏنو ويو آهي. پيڪا ايڪٽ تحت گرفتارين ۾ اضافي جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.