پي ٽي آءِ حامي صحافين ۽ يوٽيوبرز خلاف غداري جا بينر لڳي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ وارين ڳالهين کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾  پارٽيءَ جي حامين خلاف بينر لڳي ويا آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بل بورڊز تي بينر لڳايا ويا آهن. ڪراچي جي روڊن تي اوور هيڊ برجز تي صحافين، يوٽيوبرز ۽ اڳواڻن جون تصويرون نالن سان لڳايون  ويون آهن. بينرن ۾ انهن ماڻهن کي غدار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تصويرن جي پسمنظر ۾ جناح هائوس جي سڙيل عمارت جون تصويرون به آهن. انهن بينرز ۾ شهباز گل، عادل راجا، شاهين صهبائي، احمد نوراني، صابر شاڪر، شهزاد اڪبر، اظهر مشواڻي ۽ شايان علي جا نالا شامل آهن، جن مان ڪيترائي ملڪ کان ٻاهر آهن. اسلام آباد جي ايف 10 سينٽر ۾ لڳل بينر تي لکيل آهي ”عوام کي ڪوڙ سان گمراهه ڪندڙ “، جڏهن ته ڪراچي جي ڊرگ روڊ تي لڳل بينر تي  ”پاڪستان دشمن قوتن کان ڊالر وٺي پاڪستان جي عوام کي ڪوڙ سان گمراهه ڪندڙ "وطن جا غدار” لکيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.