ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سجاول ۾ پاڻي کان محروم آبادگار گل حسين درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، عدالت آبپاشي کاتي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 20 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار چيو آهي ته سجاول جي پچڙي جي آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي، واٽر ڪورسز تي بااثرن جو قبضو آهي، آبپاشي عملدار به مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، گذرسفر زرات تي آهي، پاڻي نه ملندو ته اسان زنده نٿا رهي سگهون، مقامي عدالت پاڻي چوري ڪرڻ وارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو هو پر عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.