اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن ٻئي ڏينهن به پارليامينٽ هائوس ۾ بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ڳالهائيندي اپوزيشن تحريڪ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته پئسي ۽ زور سان آيل حڪومت کي هٽائڻ جا 2 طريقا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود اچڪزئي وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي لاپرواهي سبب پاڪستان بحرانن جو شڪار آهي. هي اتحاد ان ڪري ٺاهيو ويو ته حڪومت کسي وڃي ۽ آئين ۽ قوم جي بالادستي ٿئي. هن چيو ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ 2 طريقن مان هو اهو رستو وٺي رهيا آهن جنهن سان بدامني نه ٿئي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جمعي تي اسان کي پرامن احتجاج ڪرڻو آهي، آئين جي بالادستي لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو، اميد آهي ته پوري قوم اسان سان گڏ نڪرندي. لطيف کوسي چيو ته آزاد عدليه لاءِ آخري دم تائين گڏ آهيون، عدالتي فيصلي کانپوءِ حڪمران چريا ٿي ويا آهن، اسان کي مخصوص سيٽن کان محروم نٿو ڪري سگهجي، اسان فارم 47 واري حڪومت تي يقين نٿا رکون. وزيراعليٰ پنجاب عدليه کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين. علامه راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ جو باني اسان جي دلين ۾ رهندو آهي، جمعي تي سڄي قوم پنهنجي حق لاءِ ٻاهر نڪتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ تي ڪير به پابندي نٿو لڳائي سگهي، اها عوام جي پارٽي آهي، عالمي عدالت انصاف ۾ پاڪستان خلاف بيان ڏيندڙن تي پابندي لڳائي وڃي.