جڏهن به ڪا نئين حڪومت ايندي آهي ته اها عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ عوام کي سونهري خواب ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي. ۽ حڪمرانن جون عوام لاءِ اهي اميدون ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي اڏار ڪنديون آهن. عوام کي ان حڪومت ۾ اميدون هونديون آهن ته هاڻي حڪومت انهن جي زندگين ۾ نواڻ ضرور آڻيندي ۽ زندگيءَ ۾ وڏيون وڏيون خوشيون نصيب ٿينديون پوءِ ماڻهو به مون جيان خام خيالي ۾ ڏاڍا وڻندڙ ۽ سٺا سٺا خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن. ۽ سوچيندا آهن ته هاڻي اولاد کي بهتر تعليم ملي سگهندي. بيروزگار نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ گهرن جا چلها ٻرڻ شروع ٿيندا. ۽ سندس زندگي محفوظ گذرندي. پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندو آهي.
ماڻهو حڪومت ۾ اهو به آسرو رکيون ويٺا هوندا آهن ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ مهانگائي ختم ٿيندي. حڪومت جي 210 ڏينهن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي. عوام جي زندگيءَ کي اجيرن ۽ وڏي عذاب وارو بڻايو ويو آهي. هن وقت ٻيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي پر عوام کي بجلي جي وڌندڙ قيمتن به زندگي ڏاڍي عذاب ڪري ڇڏي آهي. ٿوري نظر آئي پي پيز تي وجهنداسين ته آئي پي پيز جو مطلب آهي ڇا؟ هي آزاد پاور بجلي خريد ڪرڻ جو ادارو. هن اداري ذريعي پاڪستان جي عوام سان وڏي بدمعاشي ۽ ٺڳي ڪئي پئي وڃي. پنجاب سان واسطو رکندڙ جن شخصيتن جا بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانا بند پيل آهن انهن کي به هر مهيني ڪروڙين روپيه جاري ڪيا پيا وڃن. انهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ به شامل آهي جنهن جي ڪارخاني هڪ يونٽ به بجلي ڪئي آهي ان کي به ڪروڙين روپيه هر مهيني ملي رهيا آهن. عوام کي هن وقت 48 روپيه في يونٽ ملي رهيو آهي. جڏهن ته آزاد ڪشمير کي 5 روپيه في يونٽ ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي عوام آخرڪار ڪنهن جو ۽ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ حڪومت جي ناڪامي سامهون آئي آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي حڪومت 200 روپين تي خريد ڪري رهي آهي ۽ آءِ پي پيز کي 950 ارب جون ادائگيون ڪيون ويون آهن. حڪومت هڪ پاور پلانٽ کي 15 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 140 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. جيڪا ڪرپشن جي انتها آهي. ٻئي طرف پنجاب جي پاور پلانٽ کي 17 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 120 ارب روپيه غير قانوني طور ڏنا ويا آهن. ٻئي پاور پلانٽ کي 22 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 100 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. اهڙي ٽنهي پنجاب جي پاور پلانٽن کي 370 ارب روپيه جاري ڪيا ويا آهن.
ان بجلي مان عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي طرح 40 خاندانن سان معاهدا ڪيا ويا. هن وقت 80 فيصد آئي پي پيز جا مالڪ پاڪستان ۽ 20 فيصد مالڪن جو تعلق دنيا جي ٻين ملڪن سان آهي. درجن کان به وڌيڪ پاور بجلي پيدا ڪندڙ مالڪ پاڪستان جا سياستدان ۽ اشرافيا آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندن اهي ڪمپنيون سندس ملازمن جي نالن سان رجسٽرڊ هجن؟ پر اهو توهان کي ٻڌائيندو هلان ته انهن ڪمپنين مان سڀني کان وڌيڪ معاهدا 2013 کان 2018 تائين ن ليگ جي دور حڪومت ۾ ٿيا.
پرويز مشرف دور ۾ 48 ڪمپنيون غير قانوني طور رجسٽرڊ ٿيون. پي پي جي دور ۾ 30 ڪمپينون ۽ عمران خان جي دور حڪومت ۾ 30 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون ۽ انهن ڪمپنين کي اربين روپيا جاري ڪيا ويا ۽ اهي پئسا بجلي جي بلن ۾ عوام کان اوڳاڙيا پيا وڃن. جنهن بابت عوام کي ڪابه خبر ناهي. نيپرا آئي پي پيز سان معاهدو ڪيو آهي يعني ايندڙ 33 سالن تائين انهن جعلي ڪمپنين جن عوام کي نپوڙيو آهي کي رقم ملندي رهندي ۽ اها وڏي رقم عوام کان بجلي جي بلن ۾ ٽيڪسن وسيلي اوڳاڙيا پيا وڃن. ملڪي سياست تي وڏي نظر رکندڙ سياسي شخصيت آمر خان ٻگهيو جو خيال آهي ته ان سموري جهنجهٽ مان ڇوٽڪارو ڏاڍو مشڪل آهي. عوام کي بجلي جي حوالي سان ڪو خاص رليف ملڻ گهرجي.
هن وقت سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي جي وڏي لوڊشيڊنگ آهي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن آئي پي پيز مان ڇوٽڪارو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته پوءِ عدالت، اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي عدالتون پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪنديون. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ معاشي طور اڳتي وڌي ڪونه سگهندو. پاڪستان جي صنعتن کي 17 سينٽ 47.60 روپين تي في ڪلوواٽ تائين پهچي چڪي آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ صنعتي سيڪٽر کي 6 سينٽ تي بجلي ملي رهي آهي بنگلاديش ۾ 8.6 سينٽ تي ملي رهي آهي. پاڪستان جو بجلي سپلائي جو نظام انتهائي خراب آهي. بنگلاديش ڀارت جو نظام پاڪستان کان گهڻو بهتر آهي. 1991 ۾ پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو بجلي پاڻيءَ مان پيدا ڪئي ويندي هئي. جيڪا هاڻي گهٽ ڪندي 26 سيڪڙو هائيڊرو مان پيدا ڪئي پئي وڃي. پاڪستان آئي پي پيز جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. هاڻي عوام جي برداشت ختم ٿيندي پئي وڃي. گئس ۽ تيل مان پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانا ٻين پاڙيسري ملڪن کان تمام گهڻو مهانگي آهي. اهوئي سبب آهي جو بجلي جون 5 پاور ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ لائن لاسز کي روڪڻ، بجلي چوري کي روڪڻ، بجلي جي ڪمپنين ۾ ڪرپشن کي روڪڻ ۽ بجلي جي بقاياجات وصول ڪرڻ لاءِ انهن 5 ڪمپنين کي فوج جي حوالي ڪيو ويو آهي ان ۾ سيپڪو، حيسڪو، ميپڪو، فيسڪو ۽ ليسڪو کي فوج حوالي ڪيو ويو آهي. فوج انهن ڪمپنين ۾ صفائي ڪندي ڪرپٽ آفيسرن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي.