اسٽيبلشمينٽ مخالف پروپيگنڊا روڪڻ ۾ ناڪامي جو ذميوار ادارو پاڻ؟

اسلام آباد(تجزيو:انصار عباسي) گذريل ٻن سالن ۾ فوج مخالف بيانئي ۾ واڌ ٿي وئي اهڙو اعتراف گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف به ڪيو آهي، ان صورتحال ۾ سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا اها فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي ناڪامي ناهي؟ دهشت گردي خلاف ويڙهه ۾ روزانو فوجي جوانن جون شهادتون رپورٽ ٿي رهيون آهن،اها وڏي بدقسمتي آهي ته فوج ۽ آءِ ايس آءِ  عمران خان پراجيڪٽ لاءِ جن صحافين،اينڪرن،يوٽيوبرن کي تيار ڪيو ويو اهي سڀ جو سڀ فوج مخالف ٿي ويا آهن ۽ انهن کي هاڻي ڊجيٽل دهشت گردي جي زمري ۾ آندو پيو وڃي،فوج جن ماڻهن جو  عمران جي حمايت ۾ برين واش ڪيو انهن کي منهن ڏيڻ ۾ ايتري ناڪامي ڇو ٿي رهي آهي؟ سياست ۽ ٻين سول معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٽاپ ڪلاس جي جنرلن تي تنقيد ٿيڻ گهرجي، سوال به اٿڻ گهرجن پر پاڪستان جي پوري فوج خلاف پروپيگنڊا نه ٿيڻ گهرجي، هن وقت فوج کي تمام گهڻو تڪراري بڻايو پيو وڃي، ان صورتحال کي منهن نه ڏئي سگهڻ آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ جي ناڪامي آهي،ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي حڪمت عملي ڪم نه پئي ڪري،سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز خلاف ڪنهن به برگيڊيئر،ڪرنل جو فوري طور ردعمل نٿو اچي، بنون واقعو ان جو واضح مثال آهي، ڏنڊو هر شئي جو علاج ناهي، آءِ ايس پي آر کي پنهنجيون خاميون ختم ڪرڻ گهرجن،عمران خان پراجيڪٽ ذريعي جن صحافين، اينڪرن ۽ يوٽيوبرن ذريعي اداري غداري جا لقب ورهايا ان عمل تي به معذرت ٿيڻ گهرجي جڏهن ته اسان جي اعليٰ عدليه جو ڌيان به رڳو سياسي ڪيسن تي آهي، عام ماڻهن جا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن،عام ماڻهن کي سستو ۽ تڪڙو انصاف ملڻ گهرجي،سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان به ادارا ذميواري سان ڪم نه پيا ڪن،سول ادارا سياسي مداخلت سبب غيرفعال بڻجي ويا آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.