سنڌ جي اسڪولن ۾ گرمين جي موڪلن ۾ 14 آگسٽ تائين واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون 14 آگسٽ تائين وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تعليم واري  وزير سيد سردار علي شاهه موجب گرمي جي شدت ۽ برسات جي امڪان سبب موڪلون وڌايون ويون آهن. تعليم واري وزير جي هدايت تي واڌو موڪلن بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. تعليم واري وزير موجب اسڪولن ۾ 14 آگسٽ جي سرگرمين ۽ هم نصابي سرگرمين کي جاري رکيو ويندو، نجي ۽ سرڪاري اسڪول جشن آزادي جا پروگرام ڪندا. 15 آگسٽ کان نئون تعليمي سال شروع ٿيندو. ان کان اڳ گرمين جون موڪلون پهرين آگسٽ تائين هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.