اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.ريفرنس جي پي ٽي آءِ باني طرفان داخل ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 11 نومبر 2022 تي عهدو سنڀاليو، جسٽس عامر فاروق شڪايت ڪندڙ جي ڪيسن ۾ غير معمولي دلچسپي ڏيکاري ٿو.جسٽس عامر فاروق شڪايت ڪندڙ جا لڳ ڀڳ سمورا ڪيس پاڻ وٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس عامر فاروق ڄاڻي واڻي ڪيسن ۾ دير جو حربو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو.درخواست ۾ جسٽس عامر فاروق خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي.