بجلي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي، ميئر ڪراچي کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي ڪيس ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب خلاف  توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت توهين عدالت جي درخواست تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ڪراچي جي ميئر کان 7 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب 29 مئي 2024ع جي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عدالتي حڪم موجب بجلي ذريعي يوٽيلٽي ٽيڪس جي وصولي بابت تفصيلي بحث ضروري هو، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ميئر ڪراچي ان معاملي تي ڪميٽين کي بريفنگ نه ڏني ۽ نه ئي ايوان ۾ بحث جو موقعو ڏنو. عدالت رمارڪس ڏنا ته ٻئي ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيئن حڪم نامو جاري ڪيو وڃي، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته مختصر تاريخ ڏني وڃي ته جيئن ڪراچي جي عوام کي نقصان نه پهچي.

c

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.