ڪراچي سميت 42 شهرن ۾ ريٽيلرز تي ماهوار فڪسڊ ٽيڪس لاڳو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سميت ملڪ جي 42 شهرن ۾ ريٽيلرز تي ماهوار فڪسڊ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. ايف بي آر وٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ريٽيلرز تي 100 رپين کان 10 هزار رپين تائين ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. شهرن ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا شامل آهن.

  1. عمران خان جو اعتراف معافي گهرڻ جي شروعات آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو بيان پي ٽي آءِ باني طرفان معافي گهرڻ جي شروعات آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني جو اهو بيان معافي ڏانهن پهريون قدم آهي. پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، هاڻي منٿن جي شروعات ٿي چڪي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني اقتدار لاءِ پيرين به پوندو پر هاڻي ان تي اعتبار ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني مڃي ٿو ته هن جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏنو، هو سياڻو ماڻهو آهي، معافي لاءِ اهو بيان ڏنائين ان مان ڪا به اميد ڪري سگهجي ٿي. سڀاڻي ٻاهر اچي چوندو ته غلطي ٿي وئي. جيڪڏهن هي  معافي گهري ٿو ته ان سان اسان کي ڪو خطرو نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.