اسلام آباد(جاويد چوڌري) حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي واري فيصلي کان پوئتي هٽي وئي، پ پ جي اعتراض ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اها درخواست رد ٿيڻ جي امڪان سبب حڪومت فيصلي تي نظرثاني تي مجبور ٿي وئي آهي،حڪومت جو ايڊهاڪ ججن جي مقرري وارو فارمولو به ناڪام ٿي ويو آهي، اٽارني جنرل آف پاڪستان حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ صورتحال هن وقت توهان جي حق ۾ ناهي، ان قسم جو ايڊونچر ڪيو ته اهو توهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو،اٽارني جنرل جي مشوري کانپوءِ حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسان کي هاڻي ان ”ڦڏي“ ۾ ناهي پوڻو،حڪومت هاڻي اها گهنٽي پ پ جي ڳچيءَ ۾ پارائي پنهنجو پاند ڇڏائيندي،حڪومت هاڻي اهو راڳ ڳائيندي ته اسان ته پي ٽي آءِ تي پابندي چاهي رهيا هئاسين پر اسان جا اتحادي نه پيا مڃين، ان فيصلي کانپوءِ پ پ جي عزت ۾ واڌ ٿيندي ته اها وڏي جمهوريت پسند پارٽي آهي ۽ حڪومت جي به جان ڇٽي ويندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو