پي ٽي آءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پارليامينٽ هائوس ٻاهران پاڪستان تحريڪ انصاف جي بک هڙتال ڪيمپ جاري آهي، جنهن ۾ چيئرمين  بئريسٽر گوهر، اسد قيصر سميت ٻين سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي،   رپورٽ مطابق گرفتارين، ڇاپن ۽ ڪيسن خلاف پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ هائوس ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪيمپ ۾ علي محمد خان، شيخ وقاص اڪرم، سينيٽر همايون مهمند ۽ فلڪ ناز چترالي بب شرڪت ڪئي. منجهند 3 وڳي کان شروع ڪيل بک هڙتال ڪيمپ روزانو شام 7 وڳي تائين جاري رهندي.ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ بک هڙتالي ڪيمپ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد اسپيڪر اياز صادق سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي ، هن چيو ملاقات ۾ اسين پنهنجي ميمبرن جي سيڪيورٽي بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ، هن چيو ته پهريون ڀيرو اسان پارليامينٽ جي حدن ۾ 3 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪيمپ لڳائي ڇڏي آهي، اسان روزاني جي بنياد تي بک هڙتال ڪيمپ لڳائينداسين ، هي بک هڙتال عمران خان جي آزادي تائين جاري رهندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته سخت گرمي ۾ اسان هي ڪئمپ لڳائي آهي،هن چيو ته عمران خان ملاقات دوران چيو ته مان بک هڙتال ڪندس. هن چيو ته عمران خان جڏهن حڪم ڏيندو ته سڄي ملڪ ۾ بک هڙتال ڪنداسين، اسان جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري ۽ ٻين اڳواڻن کي کنڀيو ويو آهي، هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪالهه گهرو وزير جي ترجماني ڪئي، هو فارم 47 واري حڪومت جو ساٿ ڏيڻ چاهي ٿو پر حڪومت جي ٻيڙي ۾ ايترو پاڻي اچي ويو آهي جو هاڻي کين بچائڻ ناممڪن آهي.ان موقعي تي سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته جمعي جي ڏينهن ڀرپور احتجاج ڪنداسين، اسان سان جيڪو ٿيو اهو وساري ويهنداسين پر عورتن ۽ ٻارن کي نقصان ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.