اسلام آباد/لاهور(فخر دراني+معظم فخر) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد 9 مئي جي ڪيسن جي واقعن ۾ عمران خان جي ملوث هئڻ جي حوالي سان سمورا ثبوت ايجنسين ۽ جاچ ڪندڙ ادارن کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن،9 مئي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جي سي ڊي آر جي جاچ ڪئي وئي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي به تصديق ڪئي وئي،سموري جاچ مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته 9 مئي تي جيڪي واقعا ٿيا اهي زمان پارڪ لاهور مان آپريٽ ٿي رهيا هئا، ان کان ان واقعي جي جيڪا رٿابندي ڪئي وئي ان بابت پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو هو ۽ انهن سڀني ڳالهين جو تعلق عمران خان سان ملي رهيو آهي،جاچ ڪندڙ ادارن انهن واقعن جو ماسٽر مائنڊ اڳ ۾ عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب جنرل(ر) فيض حميد جي ڏنل ثبوتن جي آڌار تي عدالت ۾ عمران خان سئو سيڪڙو ڏوهاري ثابت ٿي ويندو،انهن ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت ٻيهر رد ٿي وئي آهي ۽ عبوري ضمانتن جي درخواست کي لاهور هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي، انهن ڪيسن ۾ عمران خان کان جاچ لاءِ لاهور کان خاص ٽيم پنڊي پهتل آهي،اڊيالا جيل ۾ عمران خان کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته عمران خان گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت منظرعام تي اچڻ وارا آهن، 9 مئي ڪيسن ۾ عمران خان کي ڦاهي جي سزا به ملي سگهي ٿي،ان صورتحال ۾ اهو سوال به اٿي رهيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ عدليه کي غيرجانبدار ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل جو پسمنظر ڪهڙو آهي؟ عمران خان کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويندو يا نه؟ ٻئي پاسي عمران خان پنهنجي حامين کي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانئي لاءِ لڳاتار ڀڙڪائي رهيو آهي،
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو