هر سال چٽاڀيٽي امتحان وٺڻ جي هدايت، بهترين ڊاڪٽر ۽ استادکپن: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هر سال چٽاڀيٽي امتحان ڪرائڻ ۽ شيڊيول جي منظوري وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وڏي وزير سيد علي شاهه سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي  چيئرمين محمد وسيم ۽ ڪميشن جي سمورن ميمبرن سان ملاقات ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ملاقات دوران ايس پي ايس سي چيئرمين محمد وسيم وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سيپٽمبر 2022 کان اپريل 2024 تائين مختلف کاتن لاءِ 17 هين گريڊ جا 9 هزار 836 اميدوارن جي سليڪشن ڪئي آهي، 9 هزار 466 جاين جي سليڪشن لاءِ ڪم جاري آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪميشن چيئرمين کي هدايت ڪئي ته خالي جاين تي ڀرتين لاءِ اميدوارن جي سليڪشن جو ڪم تيز ڪيو وڃي.وڏي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هر سال چٽاڀيٽي جو امتحان ڪرايو وڃي ۽ ان جي شيڊيول جي منظوري ورتي وڃي.وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير اها به هدايت ڪئي ته سٺن ادارن جا امتحاني سسٽم ڊجيٽل ٿي چڪا آهن، انڪري هاڻي ايس پي ايس سي به ڪمپيوٽر ٽيسٽنگ سسٽم متعارف ڪرائي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي بهترين ڊاڪٽرن ۽ استادن جي ضرورت آهي، ڪميشن ان لاءِ اميدوارن کان جلد ٽيسٽون وٺي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.