اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي نگران واپار واري وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز آءِ پي پيز کي ادائيگين جي ڊيٽا سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي . ڊيٽا موجب حڪومت پاور پلانٽ کان مهانگي بجلي 750 في يونٽ جي حساب سان خريد ڪري رهي آهي، ڪول پاور پلانٽس کان 200 رپيا يونٽ جي حساب سان بجلي ورتي پئي وڃي، ونڊ ۽ سولر پلانٽس کان 50 رپيا في يونٽ بجلي ورتي پئي وڃي. 20 سيڪڙو کان گهٽ پيداوار تي آءِ پي پيز کي 1.95 ٽرلين رپين جي ادائيگي ڪئي وئي. ٽن پلانٽس کي 370 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته 52 سيڪڙو پلانٽ حڪومت جي ملڪيت ۽ 28 سيڪڙو نجي سيڪٽر جي ملڪيت آهن. بدانتظامي سبب 60 رپيا في يونٽ بجلي وڪرو ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي حڪومتي شخصيت چيو آهي ته گوهر اعجاز حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. صحافي شاهد ميتلي اهم حڪومتي شخصيت جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته گوهر اعجاز حڪومت کان عهدو گهريو آهي، هو صلاحڪار بڻجڻ چاهي ٿو پر اسان وٽ جاءِ ناهي. حڪومتي شخصيت موجب ٻي ڳالهه اها آهي ته گوهر اعجاز ليڪ سٽي اسلام آباد لاءِ اين او سي گهري رهيو آهي جيڪو جاري نه پيو ڪيو وڃي. گوهر اعجاز پنهنجي ڪاروبار لاءِ ٽيڪس ڇوٽ به گهري رهيو آهي ۽ ٽيڪس مراعتون چاهي ٿو جيڪي حڪومت ناهي ڏئي رهي. گوهر اعجاز کي ڪا ڇوٽ يا عهدو نه ڏينداسين.
آءِ پي پيز جو ڪاروبار هاڻ وڌيڪ نه هلندو: حافظ نعيم
لاهور (م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آءِ پي پيز جو ڪاروبار هاڻ وڌيڪ نه هلندو، عوام ظالمن کان پنهنجا حق کسي وٺندي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ امير جماعت اسلامي چيو ته 26 جولاءِ جو اسلام آباد ڌرڻو پرامن هوندو، احتجاج اسان جو آئيني، جمهوري ۽ سياسي حق آهي. پرامن سياسي مزاحمت تي يقين رکون ٿا، عوام پنهنجي حقن لاءِ ٻاهر نڪري اسان جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته ملٽري، بيوروڪريسي ۽ جج رٽائرڊ ٿي ڪانٽريڪٽ تي اعليٰ عهدن تي فائز ٿي وڃن ٿا، حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جا فيصلا اهي ماڻهو ڇو ڪن جن جو ملڪ سان ڪو به واسطو ناهي. عوام جي راءِ کي قبول ڪرڻو پوندو، سوشل ميڊيا تي پابندي مسئلن جو حل ناهي.
آءِ پي پيز کي ادائيگين خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) اربين رپين جي انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) کي ڪيپيسٽي ادائيگي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.واپار بابت اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته ايف پي سي سي، آءِ آءِ پي پيز کي کربين رپين جي ادائيگي لاءِ سپريم ڪورٽ ويندي.هن چيو ته عدالت کي صورتحال ۾ مداخلت جي درخواست ڪئي ويندي، پاڪستان ڪجهه سالن ۾ ٻيهر ساڳين غلطين کي برداشت نٿو ڪري سگهي.گوهر اعجاز چيو ته نون سيڙپڪارن جو هڪ گروپ ڪجهه به نه ڪرڻ تي پئسا ڪمائڻ چاهي ٿو، اسان کي خوشحالي لاءِ بدانتظامي جو خاتمو ڪرڻو آهي، مهانگي بجلي سمورن پاڪستانين لاءِ ناقابل برداشت ٿي چڪي آهي.هن چيو ته بجلي جي مهانگي قيمت شهرين کي غربت ۾ ڌڪي رهي آهي، مهانگي بجلي سبب ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي، مهانگي بجلي 240 ملين ماڻهن جي زندگين کي سڌو سنئون متاثر ڪري رهي آهي.
ڪيپ بجلي اگهه ۾ 25 رپيا گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ڪراچي(م ڊ) بجلي صارفين جي نمائنده تنظيم ڪيپ حڪومت کي 15 نقاطي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪندي صارفين جي رليف لاءِ مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ فوري طور تي 25 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وڃي، آءِ پي پيز کي صرف ان جي پيداوار جي تناسب سان ادائيگي ڪئي وڃي.ڪنزيومر ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي سربراهه ڪوڪب اقبال چارٽرڊ آف ڊيمانڊ ۾ چيو آهي ته آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن تي قومي سلامتي جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن صارفين کي اضافي مالي بوجهه کان بچائي سگهجي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ غير قانوني واڌ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.چارٽرڊ آف ڊيمانڊ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ سمورن بئنڪن کي هدايت ڪري ته اهي سولر پينلز جي خريداريءَ لاءِ آسان قسطن ۾ بنا وياج جي قرض فراهم ڪن. چارٽرڊ آف ڊيمانڊ موجب حڪومت بجلي ۽ پيٽروليم شين جي نالي تي سمورن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي کي ڏنل رعايتون فوري طور تي واپس وٺي، معاشي حالتون بهتر ٿيڻ تائين مثالي طريقي سان سادگي اختيار ڪري. صوبن جي صدر هائوس، وزيراعظم هائوس، وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس سميت ٻين وزيرن کي مليل مراعتن ۽ شاهي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وڃي.
آءِ پي پيز معاهدا ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن: مصطفيٰ ڪمال
ڪراچي (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدا گڏ نٿا هلي سگهن، جيڪڏهن معاهدن تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته ملڪ نه هلندو، بدمعاشي، ڌمڪيون يا حڪومت ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري پوائنٽ اسڪور ڪرڻ نٿا چاهيون. آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدن سبب ملڪ جي معيشت ۽ ترقي تباهه ٿي وئي آهي.