مڪلي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

ٺٽو(ڊ ر)  گُذريل رات دير سان مَڪلي جي سيشن ڪورٽ ڀرسان گسٽا اڳواڻ غلام نبي خُشڪ جي گھر ٻاھران خُشڪ برادري جي ٻن ڌُرين معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري ھڪ ڌُر جو پوليس اھلڪار گُلباز خشڪ ۽ ٻي ڌر جا امتياز خشڪ، فدا خشڪ ۽ ضِياءُ خُشڪ زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتي سندن حالت نازڪ ھجڻ ڪري وڌيڪ ڪراچي جي خانگي اسپتال موڪليو ويو، جتي پوليس اھلڪار گُلباز خُشڪ ۽ فِدا حسين خُشڪ زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويا آھن، 2 زخمي نوجوان اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھن، گذريل رات معمولي ڳالهه تان خشڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ علمي، ادبي شخصيت ۽ پاڻي ماھر انجنيئر اوڀايو خشڪ جو ڀاڻيج گُلباز خُشڪ فوت ٿي ويو، جڏھن ته صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.