ناڻي وزارت ۽ آءِ ايم ايف جا ڪاٿا وزيراعظم جي دعويٰ جي ابتڙ نڪتا

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم ملڪي ايڪسپورٽ ٽن سالن ۾ 60 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ جو هدف ڏنو پر ناڻي واري وزارت 3 سالن ۾ ايڪسپورٽ جو هدف 37 ارب 95 ڪروڙ 10 لک ڊالرز مقرر ڪيو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف 3 سالن ۾ پاڪستاني ايڪسپورٽ جو ڪاٿو 37 ارب 25 ڪروڙ 40 لک ڊالرز لڳايو آهي. ناڻي وزارت جي انگن اکرن موجب 2023، 24 ۾ ملڪي ايڪسپورٽ 30 ارب 35 ڪروڙ 10 لک ڊالرز هئي، هلندڙ مالي سال  2024، 25 ۾ ايڪسپورٽ جو هدف 32 ارب 34 ڪروڙ 10 لک ڊالرز مقرر ڪيو ويو، مالي سال 2025، 26 ۾ ايڪسپورٽ 35 ارب 30 ڪروڙ 30 لک ۽ 2026، 27 ۾ 37 ارب 95 ڪروڙ 10 لک ڊالرز تائين پهچڻ جو ڪاٿو آهي. آءِ ايم ايف جا انگ اکر به اهڙي ئي صورتحال ظاهر ڪن ٿا جن موجب هلندڙ مالي سال ايڪسپورٽ لاءِ 32 ارب 35 ڪروڙ 60 لک ڊالرز جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو. شهباز شريف چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا 3 سالن ۾ 60 ارب ڊالرن جون شيون ايڪسپورٽ ڪرڻ  جي هدف لاءِ قدم کڻن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.