اسلام آباد(بيورو+پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته 26 جولاءِ تي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ اسلام آباد اچي رهيا آهيون، ڌرڻو هڻنداسين ۽ عوام جا حق وٺڻ کانسواءِ نه اٿنداسين. پاڪستان کي هن وقت ٻيهر چونڊن جي ضرورت ناهي، اهڙي ڪنهن به قدم جي حمايت نه ڪنداسين. اسلام آباد بار ايسوسي ايشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي جو واضح موقف آهي ته حڪومت فارم 45 جي بنياد تي ٺهڻ گهرجي.ٽيڪس چور اقتدار جي هالن ۾ ويٺا آهن، پگهاردار 375 ارب رپيا سالياني انڪم ٽيڪس ادا ڪري ٿو، جاگيردار رڳو 4 سيڪڙو ٽيڪس ڇو ٿو ڏئي.مهانگي بجلي ۽ ڪيپيسٽي چارجز جي نالي تي عوام جي کيسي تي ڇو ڌاڙا هڻي رهيا آهيو؟ لڳاتار ٽيڪس قوم جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي آهي.