ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ ) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ايل بي او ڊي سم ۽ هاڪڙو پراڻ جي دوري جو ٻڌي هاڪڙو پراڻ جو ٺيڪيدار ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جو ٺيڪيدار ڪامورن سان ملي ٿيل ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ بندن ۾ پيل ڏار لڪائڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن، ٻي پاسي رهواسين محمد اسحاق، صدام حسين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڪڙو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي هلندڙ ڪم ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، هتي ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن ظلم جا پهاڙ ڪرائي اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هاڻي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي دوري جي رڳو فوٽو سيشن ڪئي ويندي، هنن چيو ته آر ڊي 275 کان وٺي زيرو پوائنٽ تائين ايل بي او ڊي سم نالي جو ذري برابر ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ايل بي او ڊي سم نالي ۾ سلٽ جون وڏيون ديوارون لڳل آهن جڏهن ته وڏي وزير پاران زيرو پوائنٽ وٽان سائفن جو افتتاح ڪندو، سائفن جو ڪم به صحيح نموني ناهي ٿيو، هوڏانهن ڪاٺڙي بند وٽ بيگناهه طور لنڊ برادري جي ماڻهن تي ٿيل ڪيس خلاف رهواسين چيو ته اسان وڏي وزير جي زيرو پوائنٽ واري دوري دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڏي وزير اڳيان ٺيڪيدار ۽ ڪامورن خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.