پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي: ڪراچي بار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار جي جنرل باڊي جو اجلاس صدر عامر وڙائچ جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن ۾ هيٺيان ٺهراءُ منظور ڪيا ويا. پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي. بنون واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا، ايڊهاڪ ججن جي مقرري منظور ناهي، ڪراچي بار ٺهراءَ منظور ڪندي چيو ته ٻن ججن ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان معذرت ڪئي آهي، تڏهن ڪراچي بار ٺهراءَ منظور ڪئي. ايڊهاڪ ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي. ڊي ايڇ اي ۾ وڪيلن کي زمين ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ شاهراهه فيصل تي احتجاج ڪيو ويندو، جرمني ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. 3 تلوار تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لاٺي چارج جي مذمت ڪئي  وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.