سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ)چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان علي گل بلوچ کان هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت دوران ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ محمد صادق برڌي واسي علي گل بلوچ مارجي ويو، ڦورن ۽ نوجوان جي جهيڙي دوران شهري وڊيو ڀريندا رهيا.