سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسڪالرشپ پروگرام۽ پاٻوهر جو ونود ڪمار

تحرير: سنجئه مٿراڻي

ڇنڇر جي ڏينهن سنڌ جي مختلف علائقن مان 113 شاگرد ءِ شاگردياڻيون سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪالرشپ حاصل ڪري نارائڻ جگنناٿ وديا (اين جي وي)  هاءِ اسڪول ۾ آجياڻي تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا هئا، هر هڪ اک چمڪي پئي، هر هڪ ٻار جي چهري تي هلڪي مُرڪ ءِ روشني هئي، هر هڪ پنهنجي زندگي جو هڪڙو وڌيڪ خواب ساڀيان ڪندي خوشي منجهان پُرجوش نظر پئي آيو. ءِ ڪجهه والدين وري ٻارن جي محنت ءِ اسڪالرشپ پروگرام جي واکاڻ ڪري رهيا هئا.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 2017 ۾ پنهنجو اسڪالر شپ پروگرام ”سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسڪالر شپ پروگرام“ (SSESP) شروع ڪيو هو ته جيئن سنڌ صوبي جي باصلاحيت شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ وقار ۽ حوصلو ڏيارڻ ۽ انهن کي پاڪستان جي معياري ادارن سان ڳنڍجي. انهن جي پوسٽ پرائمري تعليم کي هائير سيڪنڊري ليول تائين وٺي اچجي. SSESP مڪمل طور تي شاگردن کي اسڪالرشپ مهيا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ (SE&LD) جي تحت هلندڙ آهي ۽ ان جو انتظام سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، سنڌ حڪومت پاران ڪيو ويندو آهي. اسڪالر شپ پروگرام جو مقصد باصلاحيت شاگردن کي علمي ۽ سماجي طور تي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل کي روشن کي پنهنجي والدين، سماج ءِ ملڪ جو نالو روشن ڪن!

انهن سمورن شاگردن جي وچ ۾ ڪراچي جي گارمينٽ فئڪٽري تي ڪم ڪندڙ پنجن ٻارن جو پيءِ سترام داس خوشي وچان لُڙڪ هاري رهيو هو، جنهن جو وڏو پُٽ ونود ڪمار هاڻ نائون درجو اين جي وي ۾ پڙهندو. هُو پروگرام جي شروعات کان وٺي ميس تي ماني کائڻ تائين ونود کي هر هر ڏسي ءِ وڏا وڏا ساهه کڻي ‘ڀڳوان تانجهي وڏي مهرباني’ پُڪاري رهيو هو.

ونود جنهن پنهنجي بنيادي تعليم ڳوٺ پاٻوهر ۾ ئي سرڪاري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، هن جو خواب هو ته هُو اين جي وي ۾ پڙهي ءِ پنهنجي بابا جو نالو هر مقام تي روشن ڪري، توڙي جو ساڳي اسڪالرشپ پروگرام تحت ونود پبلڪ اسڪول حيدرآباد لاءِ پڻ چونڊيو ويو هو. پر هُو پنهنجي ارادن ڏي اَٽل رهيو.

هر هڪ شاگرد ءِ هن جي والدين سان ملي اها پڪ ٿي ته سڀ لائق ٻار آهن، جيڪي محنت تي ئي يقين رکن ٿا، جيڪي هن گلوبل وليج ۾ پنهنجي پاڻ کي هيڪلو نٿا سمجهن، جن کي لڳي ٿو ته انهن جي قابليت تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جهڙا ادارا اَنويسٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن! ونود جو چوڻ هو ته هاڻ مون تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته آئون پنهنجي ڳوٺان مون جهڙا ٻيا ونود SSESP کان متعارف ڪرايان، هُو پُراعتماد هو ته سندن مستقبل روشن آهي ءِ وڌيڪ روشن تڏهن ئي ٿيندو ته ڳوٺ جو هر هڪ فرد پڙهندو، هر نياڻي پنجون پاس ڪري گهر نه پر اسڪول ويندي، هُن آغاز پنهنجي ڀيڻن کان ڪيو آهي ته جيئن پاڙي ۾ ٻين نياڻين کي همت ملي.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن هن اداري ۾ فقط 113 شاگردن ءِ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ڏئي تعليم ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار نه نڀايو آهي پر سنڌ جي هر ضلعي سان تعلق رکندڙ 113 خاندانن ۾ هڪ نئين آس جاڳائي آهي ته ‘پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ’

ونود جو چوڻ هو ته هاڻ مون تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته آئون پنهنجي ڳوٺان مون جهڙا ٻيا ونود SSESP کان متعارف ڪرايان، هُو پُراعتماد هو ته سندن مستقبل روشن آهي ءِ وڌيڪ روشن تڏهن ئي ٿيندو ته ڳوٺ جو هر هڪ فرد پڙهندو، هر نياڻي پنجون پاس ڪري گهر نه پر اسڪول ويندي، هُن آغاز پنهنجي ڀيڻن کان ڪيو آهي ته جيئن پاڙي ۾ ٻين نياڻين کي همت ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.