ٻيلا ڌرتي جو زيو ر ۽ سونھن ھوندا آھن، ٻيلاقومي دولت ھوندا آھن۔ ٻيلا انسان ذات ۽ جھنگلي جيوت لاءِ انمول تحفو به ھوندا آھن۔ جن سان خدا جي مخلوق کي انيڪ فائداھوندا آھن۔ انساني زندگي لاءِ ٻيلا ھر وقت ۽ ھرحال ۾ لازم و ملزوم آھن۔ ٻيلا قدرتي نبادات جو اھم حصو رھندا آيا آھن ۽ آئينده به رھندا۔ انساني ارتقا جي ابتدائي دؤر ۾ ڌرتي جي ٽن حصن تي ٻيلا ھوندا ھئا۔ شروع ۾ انسان جي رھائش غارن ۽ ٻيلن ۾ ھوندي ھئي۔ سندن سڀ پائڻ وڇائڻ ٻيلن تي ھيو، ٻيلن سان انسان جوجيترو انسان جوو اسطو آھي. اوترو ئي جانورن ۽ جيتن جڻين جي گذر سفر ۽ تحفظ جو دارومدار به ٻيلن تي آھي. ٻيلن ۾ مختلف قسمن جاوڻ ٻوٽا ۽ ٻوٽيون گل ڦل به ٿيندا آھن. وڻن کان سواءِ ڌرتي ايئن ٻسي لڳندي آھي. جيئن زيورن بنا ڪنوار لڳندي آھي. جڏھن اڪيلائي ۽ ڇڙوڇڙ واري زندگي مان بيزار ٿيا. تڏھن ھوڪٽنب ٽولن گروھن ۽ قبيلن جي شڪل ۾ رھڻ لڳا. تڏھن زمين ۽ ان جي وسيلن تي انساني حڪمراني جوتصور پيو.
شروع ۾ ماڻهن اندر ٻيلن جي ماحوليات جوخاص شعورنه ھيو. ھن کي پنھنجي رھائش تحفظ روزگار ۽ خوراڪ جوذريعو سمجھندو ھيو پر آھستي آھستي انساني شعور جي ترقي معاشرتي رھڻي ڪھڻي ۾ به واڌ ويجهھ ۽ ترقي جو ڌيان وڌيو. تنھن ڪري ھن پنھنجي ضرورت ۽ اھميت مطابق وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا. جڏھن زمين جو جيڪو حصو خالي ھيو انھيءَ تي برساتيون پوڻ ۽ سيلاب اچڻ تي قدرتي وڻ ٻوٽا ۽ گل ڦٽڻ شروع ٿيا. ان دؤر ۾ اڃان ڪاٺ جو استعمال ڪثرت سان نه ٿيندو ھيو۔ ماڻھون صرف رھڻ لاءِ جھوپيون ۽ منھن ٺاھڻ ۽ باه ٻارڻ لاءِٿوروگھڻوڪاٺ استعمال ڪندا ھئا۔ ان ڪري وڻ انساني ھٿ چراند کان بچيل ھئا۔ ڇوته گھڻا گروهه ۽ قبيلا وڏن وڻن بڙ پپر وغيره جي پوڄا ڪنداھئاجيڪي سندن لاءِ متبرڪ ھوندا ھئا۔ سائنسي سوچ ۽ انساني ارتقا ۾ شعورجي ترقئ اھڙن ڪمزور عقيدن جي پچر ڇڏي ڏني۔ انسان ۾ خوراڪ ۽ شڪارجي شوق به ٻيلن جي تحفظ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي۔ قبيلائي ۽ گروھي سردار شڪار جا شوقين جانورن جي تحفظ ۽ واڌ ويجهھ لاءِ ٻيلن جا حصا ورھائي پنھنجن ڇاڙتن کي انھن جا راکامقررڪنداھئا۔ ماڻھن شڪارکي وندرشوق ۽ خوراڪ لاءِاختيارڪيو۔ اڳتي ھلي اھوشوق ٻين وندرن جي ور چڙھي ويو ۔ ان ڪري شڪارجي وندر تي ٻي وندر ۽ مصروفيت حاوي ٿيندي ويئي۔ انساني آبادي ۾ واڌاري ۽ غذائي ضرورتن تحت زمين جي اھميت وڌندي وئي۔ انسان کي شروع ۾ صرف اھوعقل ھيوته جھنگ ۽ ٻيلا صرف رھائش ۽ خوراڪ لاءِ آھن۔ رھائشي سھوليتون کاڌ خوراڪ ۽ اناج جي ضرورتن لاءِ ٻيلن جي اھميت جوپتوکيس گھڻو پوءِ وڃي پيو۔ انساني ترقي دوران ھڪ وقت اھڙوبه آيو جو انسانن کي جھنگ ۽ ٻيلا چورن ۽ ڌاڙيلن جا ٿاڪ محسوس ٿيڻ لڳا۔ انسان ٻيلن کي انسان دوستي ۽ مفادن جي نظر سان ته ڏٺوئي ناھي ته ٻيلن جو ماحوليات برساتن ۽ سيلابن ڪيترواھم ڪردار آھي۔ ان ھن کي معاشرتي ملڪن صرف يورپ ۽ سڌريل ترقي يافته ملڪن ئي سمجھيوآھي۔ جڏھن ته ايشيا ۽ آفريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جي سفيد پوش طبقو ۽ عام ماڻھون ٻيلن جي اھميت کان واقف ئي ناھن۔ برصغير جي ملڪن جي جغرافيائي محل وقوع کي ڏسجي ته انھن ۾ قدرتي ۽ فطر تي دريائن جي گھڻائي آھي ۽ وري دريائي ڪنارن سان انساني آباديون ججھي انداز ۾ آھن۔
وري دريائن جي ٻنھي ڪچي وارن علائقن سان ڪجهھ ڏھاڪا اڳ ۾ وڏا وڏا مشھور ٻيلا ھئا۔ جن ۾ ھرقسم جاوڻ ھوند اھئا۔ انھن ۾ راکا رينجر گارڊ ٻيلائي آفيسر مقرر ھوندا ھئا۔ جيڪي نھايت ايمانداري سان ٻيلن جي واھت تي چوڪس ھوندا ھئا۔ ٻيلن اندر ۽ ٻاھرٻيلي کاتي جون چوڪيون ھونديون ھيون۔ ٻيلي اندر گھڙندڙ ھر ماڻھو کان پڇاڻو ٿيندو ھيو۔ ايتري قدر جو جيڪڏھن ڪنھن جي کيسي مان ماچيس نڪرندو ھيو ته ان تي ٻيلي ساڙڻ جي نيت جي فرياد داخل ٿيندي ھئي۔ ڌنارن کي ٻيلي ۾ مال چارڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي۔ جيڪڏھن ڪنھن جومال ٻيلي ۾ چرندي ھٿ ايندو ھئو ته ٻيلي کاتي وارا ران مال کي ڍڪ ۾ ڍڪائي اينداھئا۔ پوءِ مالڪ ڏنڊ ڀري مال ڇڏائيندا ھئا۔ جڏھن ان سطح جو تحفظ ٻيلن کي حاصل ھيو ته ٻيلا به بحال ھوندا ھئا۔ ھئي آزاديءَ کان پوءِ جي ڳالهھ آھي ته بئراجن واھن شاخن ۽ وڏن واٽر ڪورسن تي ٽاري سنجھي سرنھن نم ۽ ٻٻر جا وڏ اوڻ لڳل ھوندا ھئا۔ جن تي سرڪاري طورتي شمارڪرڻ لاءِ انگ لڳل ھوندا ھئا۔ ھر سال انھن جي ڳڻپ ٿيندي ھئي۔ جيڪڏھن ڪووڻ کٽل ھوندو ھيو ته ان جي جاچ ٿيندي ھئي ۽ واسطيدار ملازم کان پڇاڻو ٿيندو ھيو۔ سنھي ٿلھي رعايت ڏيڻ عيوض کاتيدارن ۽ مال وندن کان ٻيل کاتي ۽ آبپاشي ملازم لاپولائي وٺندا ھئا ۽ ڪٿي ڪٿي اھو رواج اڃان به آھي۔
1980جي آخرتائين ٻيلن جو عروج ھيو۔ ھڪ دؤر اھڙو به آيو جو عمارتي ڪاٺ حاصل ڪرڻ لاءِ ِٻيلن ۽ وڻن جي واڍي جي شروعات ٿي۔ ماڻھن زمينن ۾ پاڻھين ڦٽل ۽ ٻنن ٻارن سان بيٺل وڻ وڪڻي وڍرائڻ شوع ڪيا۔ اسان جي ملڪ ۾ وڻ دوستي کي انسان ۽ ماحول دوستي سمجھيو ويو ئي ناھي۔ عام ماڻھن جي حدتائين ته وڻ پوکيوئي نٿو وڃي۔ رڳوواڍي تي زورآھي۔ اڄ ڪلھه آرا مشينن تي جيتروڪاٺ پيو آھي اوترو ڪاٺ ته بچيل ٻيلن ۾ به ڪونھي. جڏھن کان زميندارن ۽ سردارن سياست ۾ پير پاتو آھي تڏھن کان ٻيلا دشمني عروج تي آھي۔ زمينون مڙي سڙي چند زميندارن ۽ جاگيردارن جي ملڪيت بڻجي ويون آھن۔ ھزارن ايڪڙن وارو جاگيردار ۽ سون ايڪڙن وارو زميندار باقي ايڪڙ ٻن واروته ليکي ۾ ئي ڪونھي۔ طاقت اھا به اقتدار جي ھميشه زور آور ٿيندي آھي۔ ان زور آور طاقت جي شروعات ٻيلي کاتي کان شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينھن تائين جھلجڻ جي ناھي۔ جڏھن کان يونين بازي زور ورتو ته ملازمن نوڪري تي وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گھرويٺي پگھاروٺڻ کي ڏاڍ مڙسي ۽ جائز سمجھيو ويو ۔ انھن ٻيلي کاتي وارن پنھنجي پنھنجي حد جي زميندارن ۽ سياسي پھچ وارن ھمراھن سان ٻانڌا ٻڌي ٻيلن جي ڀينگ ڪئي۔ اھا ھن ريت ته ٻيلي کاتي جي خالي زمين ٻن مقصدن لاءِ مقاطعي يا ليز تي ڏيڻ ۽ وٺڻ جورواج شروع ڪيو۔ جنھن لاءِ اسيمبليءَ ۾ قانون سازي ڪرائي وئي ته جيتري زمين ليز تي کنئين ويندي ان مان اڌ تي پوک ۽ اڌ تي ٻيلي جون چؤڪڙيون پوکيون وينديون۔ نتيجو اھو نڪتو ته ڏھ ايڪڙ ليز ته باقي چاليھن ايڪڙن تي قبضا ڪري پوکون ڪيون ويون ۽ وڻ ھڪ به نه پوکيو ويو ۔ ويتر ھڪ قدم اڳتي اھو ٿيو ته ليزواري زمين جي مھاڳ ۾ جيڪي ٻيلا ھئا اھي آھستي آھستي وڍي ڪاٺ به کپايو ويو ٻيلا به نه پوکيا ۽ زمين تي به قبضو ٿي ويو ۔ سياسي اثر رسوخ تي رکرايل ملازم ڪڇن ئي ڪونه ٿا۔ جن جون به پنج ئي آڱريون گيهھ ۾ آھن۔ ڇو ته ٻيلن پوکڻ وارا ساليانه ڏوڪڙ عملدارن جي کيسي ۾ ۽ بقايا ٻيلا زميندارن ۽ سياستدانن جي حوالي آھن۔ ٻيو قھر اھو ٿيو ته ڌاڙيلن جي بھاني ٻيلا وڍرائي وڏي سرڪار وارا ٽرڪون ۽ ٽريلا ڀرائي ويا۔ ٻيلي کاتي جي چوڪين تي ڀينگ لڳي پيئي آھي۔ عملي پاران ڪوڙ ابيان ڏياريا وڃن ٿا ته ٻيلن تان قبضا ھٽرايا آھن۔ زمينداري بند به موجود آھن ۽ ٻيلن جي واڍي به جاري آھي ۽ سرڪاري ڪاغذن ۾ ٻيلن جي پوکائي به جاري آھي۔ پر ميدان تي پٽ پڌر آھي۔ ھاڻي سرڪار وٽ رڳو ڪاغذي ٻيلا وڃي بچيا آھن۔ جيڪي نه ته سيلابن جي سٽ کي سھي سگھن ٿانه وري ماحول کي موافق رکي سگھن ٿا۔ ڪڇي ته ڪيرڪڇي۔