اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ ملوث آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان موجب، اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ترجمان موجب، شروعاتي جاچ ۽ ڊجيٽل مواد جي روشني ۾ ڇاپو هنيو ويو، ڇاپو پي ٽي آءِ جي ڊجيٽل ميڊيا وِنگ تي اسلام آباد پوليس ۽ ايف آءِ اي هنيو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ ملوث آهي، ان معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي رهيا آهيون.
واضه رهي ته اسلام آباد پوليس 22 جولاءِ تي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا وِنگ سيل جي مرڪزي آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ مرڪزي ترجمان رئوف حسن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس سيڪريٽريٽ مان ڪمپيوٽر سميت ٻيو سامان ضبط ڪري ورتو.
حڪومت جو پي ٽي آءِ جي ” رياست مخالف پروپئگنڊا“ جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو
You might also like