پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پيشنز ۾ واڌ لاءِ سمري موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ موجب سمري جي سرڪوليشن ذريعي ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن کي ايڊهاڪ رليف الائونس 2024، رٽائرڊ ملازمن کي پينشز ۾ پهرين جولاءِ کان واڌ ملندي.
ٻڌايو ويو آهي ته سيڪريٽريٽ ملازمن جي يوٽليٽي الائونس ۾ به واڌ ڪئي ويندي.
Pakistan Govt Servants