مرغي جا اگهه ڇو وڌايا؟ مريم نواز تپي باهه ٿي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز مرغي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
لاهور ۾ وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزير اعليٰ مرغي جي اگهن ۾ مصنوعي واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ هو ته مرغي جا اگهه وڌي ويا ذميوار ادارا ڪٿي آهن؟، مرغي سڄي پنجاب ۾ گهڻي استعمال جي شيءَ آهي، اگهه وڌڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته پولٽري وارا بزنس ڪن جائز منافعو ڪمائن پر عوام تي ٻوجهه نه وجهن، عوام جو احساس آهي، مافيا کي مهانگائي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

Pakistan Punjab chickenrates

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.