ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ هيٽ اسٽروڪ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وقت تي بل ادا ڪرڻ باوجود به 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي.
ڪي اليڪٽرڪ درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ جواب ۾ چيو ته جنهن فيڊر تي نقصان ٿيندو، اتي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.
عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي جواب تي درخواستگذارن کي موقف ڏيڻ لاءِ ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت نيپرا کي به ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
Karachi SindhHighCourt Kelectric